Book Name:اِنْ شَآءَاللہ Kehnay Ki Barkaten

  پيارا اسلامي ڀائرو! آيت سڳوري جو هيءُ فرمان اصل ۾ حضرت موسيٰ عَلَيۡهِ السَّلَام جي هڪ اُمتي جو قول آهي جنهن کي الله ڪريم، رحمٰن ۽ رحيم قرآنِ ڪريم ۾ ذڪر فرمايو آهي۔ واقعو ڪجھ هن طرح آهي ته فرعون جيڪو وڏو سرڪش، سخت ظالِم، ڪافِر بادشاھ هو ۽ خُدائي جي ڪوڙي دعويٰ ڪندو هو، ان جي چاچي جي پٽ (يعني سوٽ) کي الله پاڪ هدايت جو نُور عطا فرمايو ۽ ان حضرت موسيٰ عَلَيۡهِ السَّلَام تي ڪلمو پڙھي ايمان قبول ڪيو هو.  فِرعَون جيئن ته سخت ظالِم هو، اِيمان قبول ڪرڻ وارن تي گھڻو ظلم و ستم ڪندو هو، ان ڪري شروع شروع ۾ ان پنهنجو ايمان لڪايو هو. حضرت عبد الله بن عباس رَضِىَ اللهُ عَنۡه جي روايت مطابق ان جو نالو ”جِزئِيل“ هو۔([1]) 

هڪ ڀيري فِرعَون پنهنجي وزيرن، مُشِيرن جو هڪ اجلاس گھرايو ۽ انهن کان مشورو ڪيو ته حضرت موسيٰ عَلَيۡهِ السَّلَام جن جي تبليغ ڏينهو ڏينهن ترقي ڪري رهي آهي، سندن پيرو ڪار وڌي رهيا آهن، حضرت موسيٰ عَلَيۡهِ السَّلَام کي ڪيئن روڪجي، هن تبليغ جي راھ ۾ رڪاوٽ ڪيئن وڌي وڃي؟ ان ايجنڊي تحت اِجلاس ۾ سڀ کان پهرين فِرعَون راءِ ڏيندي چيو:

ذَرُوْنِیْۤ اَقْتُلْ مُوْسٰى  ( سيپاري:24،  سوره  مؤمن:26) 

ترجموڪنزالايمان:  مونکي ڇڏيو ته مان موسيٰ کي قتل ڪريان

لَاحَوْلَ وَلَاقُوَّۃَ اِلَّا بِاللہ! خُدا جي لعنت پئي فِرعَون تي، ان بدبخت جي سرڪشي ۽ جُرئت ڏسو! الله پاڪ جي نبي عَلَيۡهِ السَّلَام کي مَعَاذَ الله! شهيد ڪرڻ جا منصوبا ڪري رهيو هو۔

اهو تاريخِ انساني جو تمام برو پهلو آهي جو انسان پنهنجي مُحسِن ئي جو دُشمن بڻجندو آهي، جيڪو انسان جو ڀلو چاهيندو آهي، انسان انهيءَ جي خلاف سازشون ڪرڻ لڳندو آهي، تاريخ کڻي ڏسي وٺو! جڏهن به ڪنهن حق جو آواز


 

 



[1]...تفسیر مظہری، پارہ:24، سورۂ مؤمن، زیرِ آیت:28، جلد:6، صفحہ:201۔