Book Name:Susti-o-Kahili Say Nijat Kasay Milay

ڏسي خوش ٿيا ۽ فرمايائون: توهان سُوال ڪيو ۽ اهو سُوال ڪالھ قيامت جي ڏينهن توهان جي چهري تي داغ بڻجي، توهان جو پنهنجي هٿ سان ڪمائي کائڻ سوال ڪرڻ کان گھڻو بهتر آهي۔

 (ابوداؤد، کتاب زکاۃ، باب ماتجوز فیہ المسالۃ، صفحہ:269، حدیث:1641،خلاصۃً)

جو کرتے ہیں محنت، مشقت زیادہ                       خُدا اُن کو دیتا ہے برکت زیادہ

محنت ۾ عظمت آهي

پيارا اسلامي ڀائرو! هن حڪايت مان محنت جي اهميت معلوم ٿي۔ محنت ڪاميابي جي ڪنجي آهي، الله جا پيارا حبيب، دِلين جا طبيب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ محنت کي پسند فرمائن ٿا۔ اسان جي مُعَاشري ۾ عجيب ذِهنِيت پاتي وڃي ٿي، ڪيترا ئي اهڙا آهن جيڪي وڏين وڏين نوڪرين جا خواب ڏسندا هوندا، هڪ ئي رات ۾ وڏو امير بڻجي وڃڻ جي خواهش رکندا هوندا پر محنت ۽ مزدوري کان پري ڀڄندا هوندا۔ ياد رکو! انسان جي عظمت محنت ڪرڻ ۾ آهي۔ الله جي آخِري نبي، مڪي مدني صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: اِنَّ اللہَ تَعَالٰی یُحِبُّ الْعَبْدَ الْمُؤْمِنَ الْمُحْتَرِفَ بيشڪ الله پاڪ طلبِ معاش ۾ تڪليف کڻڻ واري مومن کي پسند فرمائي ٿو۔ (جامع صغیر، صفحہ:116، حدیث:1873) سڀ کان اَفضَل رسول، رسولِ مقبول صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي خدمت ۾ سُوال ٿيو: سڀ کان پاڪيزه عمل ڪهڙو آهي؟ فرمايائون: انسان جو پنهنجي هٿ جي ڪمائي کائڻ۔

(شعب الایمان، باب التوکل والتسلیم، جلد:2، صفحہ:88، حدیث:1238) 

حديثِ پاڪ ۾ آهي: اَلزَّحْمَۃُ رَحْمَۃٌ زَحمت يعني مشقت رَحمت آهي۔ (مقاصِدُ الحسنۃ، حرف الزای، حدیث:534) افسوس! آرام طلبي، راحَت پسندي اسان جي مزاج جو حصو بڻجي وئي آهي، سُستي اڏوهي جيان اسان جي ڪردار کي اندر کان کائي رهي آهي۔ * پاڻ اٿي پاڻي جو گلاس پيئڻ اسان کي بوجھ لڳي ٿو * کاڌو ٺهيل ملي * ماني پچل ملي * ڪپڙا ڌوتل ملن * مَوٽر سائيڪل، ڪار وغيره هلائڻي اسان کي آهي، ان جي مَرَمَّت ڪو ٻيو ڪرائي ڏي * هر شيء ريموٽ ڪنٽرول