Book Name:Susti-o-Kahili Say Nijat Kasay Milay

اڃان ڪجھ ئي دير گذري هئي جو گاڏي کي اوچتو هڪ زور دار جھٽڪو لڳو ۽ گاڏي کاهيءَ ۾ ڪري۔ ٻيا ماڻهو معمولي زخمي ٿيا پر چاچي کي شديد زخم لڳا، شديد تڪليف جي باوُجود سندن زبان تي بلند آواز سان ڪلمو شريف جاري هو ۽ ماشَآءَ الله! قسمت ڏسو! ڪلمو پڙھندي پڙھندي ئي دُنيا مان موڪلائي ويا۔ (حیرت انگیز حادثہ، صفحہ:25) 

فضل وکرم جس پر بھی ہوا، لب پر مرتے دَم کلمہ     جاری ہوا، جنت میں گیا، لَااِلٰہَ اِلَّااللہ

 صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                     صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

     پيارا اسلامي ڀائرو! الله ڪريم جي ڪرم سان عزت واري مهيني رجب المرجب جي آمدآمد آهي، اسان کي  رجب شريف ڪهڙي طرح گذارڻو آهي؟ اچو! هن حوالي سان امير اهلسنت  باني دعوت اسلامي حضرت علامه مولانا.، ابوبلال محمد الياس عطار قادري رضوي ضيائي جو مڪتبوب (يعني خط مبارڪ) ٻڌون ٿا.

مڪتوبِ عطار

بِسمِ اللہِ الرَّحمٰنِ الرَّحِیم    سگ مدينه   محمّد الياس عطار قادري رضوي عُفِي َعَنه جي طرفان، تمام اسلامي ڀائرن ، اسلامي ڀينرن ، مدارس المدينه  ۽ جامعاتُ المدينه جي اساتذه ، طَلَبه  معلمات ۽ طالبات جي خدمات ۾ ڪعبهء مُشَـرّفه جي چوڌاري گھمندو،گنبذ خضريٰ کي چمندو رَجَبُ المُرَجب، شَعبانُ المُعَظم ۽ رمضانُ المُبارڪ جي برڪتن سان مالا مال  جهومندو سلام،

اَلسَّلَامُ عَلَيْکُم وَرَحْمَةُ الله  ِوَبَرَکاتُهٗ                اَ لۡـحَـمۡدُ لِلهِ رَبِّ العٰلَـمِيۡنَ عَليٰ  کُلِ  حَال

ہو      نہ ہو    آج     کچھ   مرا      ذکر    حضور   ميں ہوا

                    ورنہ مری   طرف   خوشی  د  يکھ  کے مسکرائی  کيوں  (حدائق بخشش)