Book Name:Susti-o-Kahili Say Nijat Kasay Milay

سُستي ڇا آهي؟

سُستي اَصل ۾ رفتار جو وَصف آهي، هڪ ڪم اوهان ڪلاڪ ۾ ڪري سگھو ٿا پر ان کان غفلت ڪري، جسم سان آساني کان ڪم وٺندي، ان کي 2، 3 يا 4 ڪلاڪن ۾ پورو ڪندا  آهيو  ته اها سُستي آهي۔ ڪم ڪرڻ جي دِل نه ڪرڻ، اڄ جو ڪم هروڀرو اڳئين ڏينهن تي ڇڏڻ، ”هاڻي ڪيان ٿو“ ”چڱو ڪيان ٿو“ چئي ڪم کي ٽاري ڇڏڻ، اها به سُستي ئي جو حِصو آهي۔

سُستي جا ڪي طبي سبب

سُستي بعض اوقات جسماني بيمارين جي ڪري ٿيندي آهي۔ مثال طور * ننڊ پوري نه ٿئي ته سُستي ايندي آهي * ٽينشن ٿئي ته ڪم جي رفتار سست پئجي ويندي آهي * بلڊ پريشر گهٽ (Low) ٿئي * شوگر ليول گهٽ (Low) ٿي وڃي تڏهن به سُستي ٿيندي آهي * جسم ۾ رت جي * وٽامن جي ڪمي ٿي وڃي * خاص ڪري وٽامن ڊي جي ڪمي ٿئي ته جسم سست رهڻ لڳندو آهي * موسمي تبديلي جو به اسان جي مزاج تي وڏو اَثر پوندو آهي، سردي جي موسم ۾ عام طور سُستي گھڻي ٿيندي آهي۔ سُستي اچڻ جو اهڙو ڪو سبب هجي ته ڊاڪٽر کان باقاعِده عِلاج ڪرائڻ گھرجي۔

هڪ سُستي اها آهي جيڪا مزاج جو حصو ٿيندي آهي، ٻانهو هر مُعَامَلي ۾  آساني جو شڪار ٿي ويندو آهي، جسماني طور تي ان کي ڪو مسئلو ناهي هوندو، ان جي باوُجود اهو سُست هوندو آهي، اهڙي سُستي ڪجھ باطني بيمارين جي ڪري ٿيندي آهي۔ اهڙي سُستي جا ٻيا به ڪيئي سبب ٿي سگھن ٿا، اچو! اهڙي سُستي جا 10 علاج ٻڌو، انهن تي عمل ڪريو ۽ سُستي ختم ڪري محنتي بڻجڻ جي ڪوشش ڪريو۔

(1):ٽال مٽول نه ڪريو!

   سُستي جو سڀ کان وڏو سبب ڊگھي اُمِّيد آهي۔ جيڪو ٻانهو اڄ جو ڪم