Book Name:Susti-o-Kahili Say Nijat Kasay Milay

اَلۡـحَمۡدُ لله هڪ ڀيرو وري خوشين جا ڏينهن اچڻ لڳا رجب شريف جي مهيني جي آمد آمد آهي. هن مبارڪ مهيني ۾ عبادت جو ٻج پوکيو ويندو آهي، شَعبانُ المُعَظم ۾ شرمساري جي ڳوڙهن سان پاڻي ڏنو ويندو آهي ۽ رمضان المبارڪ جي مهيني ۾ رحمت جو فصل ڪٽيو ويندو آهي.

رجب جا ابتدائي ٽين روزن جي فضيلت

رجب المرجب جا قدر دانو! تعليم و تعلُّم (يعني سکڻ ۽ سيکارڻ) ۽ ڪسبِ حلال ۾ رڪاوٽ نه هجي، ماءُ پيءُ به بلا وجه منع نه ڪن، ڪنهن جي به حق تلفي نه ٿيندي هجي جلدي جلدي ۽ جلدي مسلسل ٽن مهينن جا يا رمضان المبارڪ جي مڪمل فرض روزن سان گڏ جنهن کان جيترا ٿي سگهن نفل روزن جي لاءِ ڪمر بسته ٿي وڃو، سحري ۽ افطار ۾ گهٽ کائي ڪري پيٽ جو قفل مدينه به لڳايو. ڪاش! هر گهر ۾ ۽ منهنجي جمله مدارس المدينه ۽ تمام جامعة المدينه ۾ روزن جون بهاريون اچي وڃن. بس پهرين رجب شريف کان ئي روزن جو آغاز فرمائيندا وڃو.

رجب شريف جي ابتدائي ٽن روزن جي فضائل جي به ڇا ڳالهه ڪجي! حضرت سيّدنا عبدالله ابنِ عبّاس رَضِىَ اللهُ عَنْهُمَا کان روايت آهي ته بيچين دِلين جي چين، رحمتِ دارَين، تاجدارِ حَرمَين، سروَرِ ڪَونَين، ناناءِ حَسۡنَين صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمانِ رحمتِ نشان آهي: ”رجب جي پهرين ڏينهن جو روزو ٽن سالن جو ڪفارو آهي ۽ ٻي ڏينهن جو روزو ٻن سالن جو ۽ ٽين ڏينهن جو هڪ سال جو ڪفارو آهي، پوءِ هر ڏينهن جو روزو هڪ مهيني جو ڪفارو آهي.

 (الجامع  الصغير للسيوطي ص 311 حديث 5051  فضائل شهر رجب للخلال ص 7)