Book Name:Susti-o-Kahili Say Nijat Kasay Milay

12 ديني ڪمن مان هڪ ڪم: فجر جي لاءِ جاڳائڻ

پيارا اسلامي ڀائرو! عاشقان رسول جي ديني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي 12 ديني ڪمن ۾ عملي طور حِصو وٺو! اهو به سُستي ۽ ڪاهلي کان نجات جو بهترين طريقو آهي۔ دعوتِ اسلامي جي 12 ديني ڪمن ۾ هڪ ڪم آهي: ”فجر جي لاءِ بيدار ڪرڻ“ ياد رهي! نمازِ فجر جي لاءِ ماڻهن کي جاڳائڻ آخري نبي، نبي اُمِّي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي سُنَّت آهي۔ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه! دعوتِ اسلامي سان وابسته عاشقانِ رسول سرڪارِ عالي وقار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي سُنَّت تي عمل جي جذبي تحت صبح فجر جي نماز کان پهريان گھٽي گھٽي وڃي وڏي آواز سان درود وسلام پڙھندا آهن ۽ ماڻهن کي بستر ڇڏي نماز فجر  جي دعوت ڏيندا آهن۔ اوهان به هن ديني ڪم ۾ حِصو وٺو، صبح جلدي اُٿو، الله پاڪ نصيب ڪري ته نمازِ تهجد ادا ڪريو، ذِڪر ودرود ڪريو، اذانِ فجر کان پوءِ مدني مرڪز جي ڏنل طريقيڪار جي مطابق ماڻهن کي فجر نماز جي لاءِ جاڳايو، هن عَمَل جي برڪت سان اِنْ شَــآءَالـلّٰـه! کوڙ ثواب ملندو ۽ الله ڪريم چاهيو ته سُستي ۽ ڪاهلي کان به نجات ملي ويندي۔

ڪلمي شريف جو  ورد ڪرڻ  لڳو

ضلعو اوڪاڙه (پنجاب) جي شهر ديپالپور جي اسلامي ڀاءُ جو بيان آهي ته منهنجو چاچو محمد رفيق عطاري دعوتِ اسلامي جي مَدَني ماحول سان وابسته ۽ اميرِ اَهلسنّت دَامَتْ بَـرَکاتُهمُ الْعَالِيه جو مريد هو۔ ماڻهن کي نمازِ فجر جي لاءِ جاڳائڻ جو روزانو معمول هو ۽ ان جي لاءِ صبح جلدي اٿي پري پري تائين ماڻهن کي نمازِ فجر جي لاءِ جاڳائيندو هو۔ ان عادت جي ڪري  سڄي”ديپالپور“ ۾ مشهور هو۔ هڪ ڀيري فيصل آباد کان گھر موٽي رهيو هو۔ عشاء جي نماز جو وقت ٿيڻ تي گاڏي روڪي نمازِ عشاء ادا ڪئي، پوءِ اڳتي روانو ٿيو، گاڏي تيز رفتاري سان وڃي رهي هئي جو اوچتو چاچي محمد رفيق عطاري بلند آواز سان ڪلمو پاڪ پڙھيو ۽ فرمايو سڀ ڪلمو پڙھو۔ سڀني ڪلمي شريف جو ورد شروع ڪيو،