Book Name:Susti-o-Kahili Say Nijat Kasay Milay

وَ اِذَا قَامُوْۤا اِلَى الصَّلٰوةِ قَامُوْا كُسَالٰىۙ-یُرَآءُوْنَ النَّاسَ (پ۵، النسآء: ۱۴۲)       

ترجمو ڪنز الايمان:  ۽ جڏهن نماز جي لاءِ اٿندا آهن ته ڀڳل دل سان ماڻهن کي ڏيکاريندا آهن

تفسير صِراطُ الجنان جلد 2 صفحي 335 تي آهي: منافقن جي نشاني اها آهي ته جڏهن مؤمنن سان گڏ نماز جي لاءِ بيهندا آهن ته مُئل دل سان ۽ سُستي سان بيهندا آهن ڇوته انهن جي دلين ۾ اِيمان نه آهي جنهن سان عِبَادَت جو ذوق ۽ بندگي جو لُطف انهن کي حاصِل ٿي سگھي ، رڳو ماڻهن کي ڏيکارڻ جي لاءِ نماز پڙھندا آهن۔ هن مان خبر پئي ته نماز ۾ سُستي ڪرڻ منافقن جي نشاني آهي۔ نماز نه پڙھڻ يا صِرف ماڻهن جي اڳيان پڙھڻ جڏهن ته اڪيلائي ۾ نه پڙھڻ يا ماڻهن جي اڳيان خُشُوع و خُضُوع سان ۽ اڪيلائي ۾ جَلدي جَلدي پڙھڻ يا نماز ۾ هيڏانهن هوڏانهن خيال وٺي وڃڻ، دِل جمعي جي لاءِ ڪوشش نه ڪرڻ وغيره سڀ سُستي جون نشانيون آهن۔

نہ نیکی کی دعوت میں سُستی ہو مجھ سے               بنا       شائقِ        قافلہ       یا         الٰہی!

نيڪ اعمال ۾ سُستي

اي عاشقانِ رسول! سُستي ختم ڪريو ۽ فرض و واجبات ئي نه، بلڪه پنهنجون تمام ذِميواريون وَقت تي اَدَا ڪرڻ جي عادَت بنائڻ جي ڪوشش ڪريو، اهو ئي نه بلڪه نيڪيون ڪرڻ ۾ به جَلدي ڪريو، ڇوته دنيا آخِرَت جي کيتي آهي، هن ۾ هڪ اهڙو واپار آهي جنهن جو نفعو آخِرَت ۾ ملندو، پر اَفسَوس! ڪي نادان دُنياوِي زِندگي کي آخِرَت تي ترجيح ڏيڻ جي ڪري نيڪي جي دعوت ڏيڻ ۽ بُرائي کان منع ڪرڻ ۾ سُستي جو شِڪار نظر ايندا آهن۔

ياد رکو! اسان کي سُستي ۽ ڪاهلي ناهي ڪرڻي، بلڪ سُستي کي پري ڪري نيڪ عملن جي ذرِيعي پنهنجو پاڻ کي نيڪ طبيعت بنائڻو آهي ڇوته صِحَّت مندي ۽ نيڪ طبيعت هئڻ به الله پاڪ جي نعمتن مان هڪ نِعمَت آهي