Book Name:Susti-o-Kahili Say Nijat Kasay Milay

 

بيان ٻڌڻ جون نِيَّتون

  حديثِ پاڪ ۾ آهي: اَفْضَلُ الْعَمَلِ اَلنِّيَّةُ الصَّادِقَةُ  سچي نيت سڀ کان افضل عمل آهي.

اي عاشقانِ رسول!۔ هر ڪم کان پهريان سٺيون نيتون ڪرڻ  جي عادت بڻايو! هن سان عَمَل جو ثواب وڌي ويندو آهي۔ اچو! بيان ٻڌڻ جون ڪجھ سٺيون نيتون ڪيون ٿا، مان نيتون ڪرايان ٿو، اوهان دِل ۾ ارادو ڏسو ته اِنْ شَــآءَالـلّٰـه چئي ان جو اظهار ڪريو: * عِلْم دين سکڻ جي لاءِ سڄو بيان ٻڌندس * عِلمِ دين جو ادب ڪندي اَدَب سان ويهندس * بيان جا اَهم نِڪتا (Points) لکي وٺندس * بيان جون جيتريون ڳالهيون ياد رهجي ويون، گھر وڃي گھروارن کي، ٻارن کي، دوست احباب کي ٻڌائي عِلم دِين ڦهلائڻ جو ثواب ڪمائيندس۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

 پياري آقا جو اندازِ تربيت

خادِمِ رسول، حضرت اَنَس بن مالڪ رَضِىَ اللهُ عَنْه کان روايت آهي، هڪ انصاري صحابي رَضِىَ اللهُ عَنْه جنهن جا مَعَاشي حالات تمام ڪمزور هئا، ان هڪ ڏينهن سڀ کان وڏي سخي آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي بارگاھ بيڪس پناھ ۾ حاضر ٿي اِمداد جو سُوال ڪيو۔

ياد رکو! سَخَاوت صرف مال ورهائڻ جو نالو ناهي، اَصل مقصد سامهون واري جي ضرورت پوري ڪرڻ آهي، اسان ڪڏهن اهو سمجھي وٺندا آهيون ته اسان جي ضرورت مال آهي، جڏهن ته ائين ناهي، اسان جي اَصل ضرورت ڪهڙي آهي؟ اهو ڏيڻ وارو الله ڄاڻي يا ورهائيندڙ رسول الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ڄاڻن، اهو اَنصاري صحابي رَضِىَ اللهُ عَنْه به سمجھي رهيو هو ته منهنجي ضرورت مال آهي ۽ ان مالي امداد جي لاءِ  ٻنهي جهانن جي سلطان ، رسولِ ذيشان صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي بارگاھ ۾ سُوال ڪيو پر.