Book Name:Susti-o-Kahili Say Nijat Kasay Milay

ڪريو * زِندگي جو هڪ مقصد بڻايو ۽ هميشه پنهنجي مقصد تي نگاھ رکو۔

(9):صبح جو معمول  درست ڪريو

 الله جي آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن دُعا ڪئي: اَللّٰہُمَّ بَارِکْ لِاُمَّتِی فِی بَکُوْرِہَا ياالله پاڪ! منهنجي اُمَّت جي صبح جي وقت ۾ برڪت عطا فرماءِ۔

(اِبْنِ ماجَہ، کتاب: تجارت، صفحہ:357، حدیث:2236)

الحمدلله! صبح جي وقت ڪمن ۾ تمام گھڻي برڪت ٿيندي آهي۔ اي عاشقانِ رسول! پنهنجي صبح جو معمول درست ڪريو! اِنْ شآءَ الله! سڄو ڏينهن چست رهندؤ۔ حضرت اَبُو هريره رَضِىَ اللهُ عَنْه کان روايت آهي،  مڪي مدني صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايائون: جڏهن توهان سمهو ٿا ته شيطان ڪنڌ ۾ 3 ڳنڍون ڏيندو آهي، جڏهن ٻانهو اٿندو آهي، الله پاڪ جو ذِڪر ڪندو آهي ته هڪ ڳنڍ کلي ويندي آهي، پوءِ وُضُو ڪندو آهي ته ٻي ڳنڍ کلي ويندي آهي، پوءِ نماز پڙھندو آهي ته ٽين ڳنڍ کلي ويندي آهي ۽ انسان خوش دِل، پاڪ نفس صبح ڪندو آهي، جيڪڏهن ائين نه ڪري (يعني ذِڪرُ الله نه ڪري، وُضُو نه ڪري، نماز نه پڙھي) ته پليت نفس ۽ سست صبح ڪندو آهي۔

(مُسْلِم، کتاب: نمازِ مُسَافِر، صفحہ:282، حدیث:776)

(10): محاسبي جي عادت بڻايو

آخري طريقو جنهن کي اپنائي اسان دُنيا ۽ آخرت جا بيشُمار فائدا حاصِل ڪري سگھون ٿا اهو هي آهي ته اسان امير اهلسنت دَامَتْ بَرَکاتُهمُ الْعَالِيه جي عَطا ڪيل نيڪ اعمال جي مطابق عمل ڪندي روزانو پنهنجي عملن جو جائزو وٺڻ پنهنجي زِندَگي جو لازمي حِصو بڻايون، جيڪڏهن اسان صِرف روزانو پنهنجي عملن جو جائزو وٺڻ ئي جي عادَت اپنائي وٺون ۽ پنهنجو جائزو وٺون ته اڄ مون ڇا ڇا ڪيو ۽ ڇا نه ڪري سگھيس ته اِنْ شَــآءَالـلّٰـه! هن سوچ جي برڪت سان تمام جلد سُستي کان نجات ملي ويندي۔ الله اسان کي سُستي ۽ ڪاهلي کان مَحفُوظ فرمائي۔     اٰمِين بِجَاه النَّبِي الْاَمِين صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ