Book Name:Susti-o-Kahili Say Nijat Kasay Milay

اَلْحَمْدُ لِلّٰہِ رَبِّ الْعٰلَمِیْنَ وَ الصَّلٰوۃُ وَالسَّلَامُ عَلٰی سَیِّدِ الْمُرْسَلِیْنَ ط

اَمَّا بَعْدُ فَاَعُوْذُ بِاللّٰہِ مِنَ الشَّیْطٰنِ الرَّجِیْمِ ط  بِسْمِ اللہِ الرَّحْمٰنِ الرَّ حِیْم ط

سُستي ۽ ڪاهلي کان ڇوٽڪارو ڪيئن ملي؟

اَلصَّلٰوۃُ وَ السَّلَامُ عَلَیْكَ یَا رَسُولَ اللہ                                                              وَعَلٰی اٰلِكَ وَ اَصْحٰبِكَ یَا حَبِیْبَ اللہ

اَلصَّلٰوۃُ وَ السَّلَامُ عَلَیْكَ یَا نَبِیَّ اللہ                                                                           وَعَلٰی اٰلِكَ وَ اَصْحٰبِكَ یَا نُوْرَ اللہ

نَوَيۡتُ سُنَّتَ الۡاِعۡتِكَافِ

(مون سنّتِ اعتڪاف جي نيّت ڪئي)

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! مسجد مسلمان جي پناھ گاه آهي۔ مسجد ۾ ڪثرت سان اچڻ جي عادت بڻايو، اِنْ شَآءَ الله! شيطان کان به حفاظت ٿيندي، گُنَاهن کان به محفوظ رهندا۔ هڪ ٻيو ڪم ڪريو! جڏهن به مسجد ۾ اچو، ياد ڪري اعتڪاف جي نيت به ڪري وٺو! ان جا ٻه 2 فائدا ٿيندا: پهريون اهو ته جيستائين مسجد ۾ رهندو، نفل اعتڪاف جو ثواب ملندو رهندو، ٻيو اهو جو مسجد ۾ کائڻ، پيئڻ، سمهڻ، سحري افطاري ڪرڻ، دَم ڪيل پاڻي پيئڻ وغيره جائز ناهي، اعتڪاف جي نيت ڪندا ته ضمناً اهي شيون به جائِز ٿي وينديون.

درود پاڪ جي فضيلت

نبي اڪرم، نورِ مُجَسَّم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو فرمانِ عاليشان آهي: جنهن مون تي سڄي ڏينهن ۾ هڪ هزار (1000) ڀيرا درودِ پاڪ پڙھيو، اُهو ان وقت تائين ڪونه مرندو جيستائين جنت ۾ پنهنجي جڳھ نه ڏسي وٺي۔ (اَلتَّرْغِيب وَالتَّرْهِيب، صفحه: 565، حديث: 22) 

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد