Book Name:Susti-o-Kahili Say Nijat Kasay Milay

(4): نَفسِ اَمَّاره جون 2 ڪمزوريون

پيارا اسلامي ڀائرو! اسان جي نفس جون 2 وڏيون ڪمزوريون آهن؛ (1):نفس لالچي هوندو آهي، تجربو ڪري وٺو، نفس کي جنهن شيء ۾ پنهنجو فائدو نظر اچي، اهو ڪم هي يڪدم ڪري وٺندو آهي۔ (2): نفس جي ٻي وڏي ڪمزوري اها آهي ته نفس ڊڄندو گھڻو آهي، ڪنهن وڏي هال ۾ ماڻهو ويٺا هجن، ڪو اچي چئي ته اها ڇت ڪرڻي واري آهي جلدي هتان کان نڪري وڃو ته سست کان سست ماڻهو به اتان ڀڄي نڪرڻ جي ڪوشش ڪندو۔

جيڪڏهن اوهان سُستي ختم ڪرڻ چاهيو ٿا ته نفس جي انهن ٻنهي ڪمزورين جو فائدو کڻو:

* نفس کي لالچ ڏيو: مثال جي طَور تي نماز پڙھڻ ۾ اوهان جو نفس سُستي ڏيکاري ٿو، اوهان غور ڪريو! اوهان جي نفس کي ڪهڙي شيء گھڻي پسند آهي، فرض ڪريو ڪنهن کي انب گھڻا پسند آهن، هاڻي اهو پنهنجي نفس کي لالچ ڏئي ته جيڪڏهن تون پنجئي نمازون باجماعت پڙھندين ته مان توکي انب کارائيندس، اِنْ شَــآءَالـلّٰـه! اوهان سُستي کان بَچي ويندؤ۔ حضرت ذُو النُّوْن مِصْرِي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه کي لذيذ کاڌو کائڻ جي خواهش ٿي، پاڻ 10 سالن تائين هن خواهش کي دٻائي رکيو، هڪ ڀيري عيد جي رات هئي، نفس لذيذ کاڌي جي گھڻي خواهش ڪئي، حضرت ذُو النُّون مِصْرِي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه پاڻ کي چيو: جيڪڏهن تو 2 رڪعتن ۾ سڄو قرآن ختم ڪيو ته تنهنجي  خواهش پوري ڪئي ويندي۔ نفس هن تي تيار ٿي ويو، پوءِ پاڻ 2 رڪعتن ۾ سڄي قرآن جي تِلاوت ڪئي۔

(تذکرۃُ الاولیَاء، ذوالنون مصری، صفحہ:93)

* نفس کي ڊيڄاريو، ان کي سزا ڏيو: مثال طور اوهان جو نفس ڪنهن ڪم ۾ سُستي ڪري ٿو ته ان کي ڊيڄاريو ته جيڪڏهن اهو ڪم نه ڪيو ته اڄ کاڌو  ڪونه ملندو، پوءِ انهيءَ تي ڄميل رهو، جيڪڏهن پوءِ به سُستي اچي ته کاڌو نه کائو، نفس کي بکارو رکو، اِنْ شَــآءَالـلّٰـه نفس سُڌري ويندو ۽ سُستي ڇڏي ڏيندو۔