Book Name:Susti-o-Kahili Say Nijat Kasay Milay

اوهان اهو طريقو هڪ ٻي انداز ۾ به اختيار ڪري سگھو ٿا؛ نفس کي جَنَّت جون نعمتون ياد ڏياريو، جنَّت جي خوب صُورت محلات جو تذڪرو پڙھو، اتي جي لذيذ کاڌي، اتي جي ڏُک دَرد کان پاڪ زِندگي، الله پاڪ جي رضا ۽ سڀ کان وڌيڪ الله پاڪ جو ديدار ڪيڏي وڏي نعمت آهي، انهن نعمتن جو مطالعو ڪريو، پوءِ ان جي مُقَابلي ۾ جهنّم جي عذاب، اتي جي شعلا هڻندڙ باھ، وڏا وڏا نانگ، وڇون، جهنّم ۾ باھ جون ٻيڙيون وڌيون وينديون، باھ جا جُوتا پارايا ويندا، دماغ ٽهڪندو، سڄي جسم جو گوشت ڇڻي ويندو، انهن عذابن کان پاڻ کي ڊيڄاريو، جنهن ڪم ۾ اوهان جو نفس سُستي ڏيکاري ٿو، خاص اُن ڪم جون فضيلتون پڙھو، اهي ڪم نه ڪرڻ جي نقصانن جو مطالعو ڪريو، اِنْ شَآءَ الله! ذِهن بڻجي ويندو ۽ سستي مان جان ڇٽي ويندي۔

مدني مشورو: قرآنِ ڪريم ۽  اَحادِيث ۾ جَنَّت جو تَذڪرو آهي، بهارِ شريعت جي پهرين حِصي ۾ جَنَّت ۽ دوزَخ جو بيان آهي، ان جو مُطَالعو ڪريو، صِرَاط الجنان پڙھو، مڪتبة المدينه جا ڪتاب: جہنّم میں لے جانے والے اَعْمَال، جَنَّت میں لے جانے والے اَعْمَال کان علاوه شيخ طريقت، امير اهلسنت، حضرت علامه مولانا محمد الياس عطار قادري رضوي ضيائي دَامَتْ بَرَڪا تُهمُ الْعَالِيه جا ڪتاب ۽ رسالا پڙهو۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                        صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

(5):بهاني بازي کان بچو

ياد رکو! نفس جو مِثَال ٻار جھڙو آهي اوهان ڏٺو هوندو ته ٻار عام طور تڪليف کان بچڻ جي راھ ڪڍي وٺندا آهن، ٻار پري جي سوچ ناهن رکندا، ڪنهن ڪم ۾ فائِدو آهي، ڪنهن ۾ نقصان آهي، هن جو فِڪر عام طور ٻارن کي ناهي هوندو، ٻارن جي عادَت هوندي آهي ته جنهن ڪم تي دِل ناهي ڪندي ان کان بچڻ جي لاءِ حيلا بهانا ڳولي وٺندا آهن، نفس جي به اها ئي حالت آهي، نفس يڪدم ٿيڻ وارن فائدن کي ڏسندو آهي ۽ ڪم نه ڪرڻ جا بهانا ڳوليندو