Book Name:Susti-o-Kahili Say Nijat Kasay Milay

وَن)۔ اهو ويچارو روزانو Last one (لَاسٽ وَن)، Last one (لَاسٽ وَن) چوندو رهيو پر سگريٽ ڇڏي نه سگھيو۔ نفسيات جا ماهر چون ٿا: اوهان پنهنجي جيڪا عادَت ڇڏڻ چاهيو ٿا ته يڪدم ڇڏي ڏيو، last one (لَاسٽ وَن) چئي پاڻ کي تسلي ڏيڻ رڳو هڪ ڌوڪو آهي۔ پنهنجي هر بُري عادَت جي باري ۾ The End (دِي اَينڊ) چوڻ جي عادَت بڻايو۔ اِنْ شَــآءَالـلّٰـه! تمام جلد اوهان پنهنجي اندر تبديلي پيدا ڪري وٺندؤ۔

(2): پاڻ کي مَصرُوف ڪري ڇڏيو

عربي چوڻي آهي: اِنْ اَرَدْتَّ اَنْ لَا تَتَّعِبْ فَاتَّعِبْ جيڪڏهن توهان ٿڪاوٽ کان ڇوٽڪارو چاهيو ٿا ته پاڻ کي ٿڪائي ڇڏيو۔ (الذریعۃ الی مکارم الشریعۃ، الباب السادس، مدح السعی وذم الکسل، صفحہ:268) اهو سُستي ختم ڪرڻ جو زبردست فارمُولو آهي، هن کي هڪ مثال مان سمجھو! هڪ شخص جنهن کي ڊوڙڻ جي عادَت ناهي، جيڪڏهن اهو ڊوڙي ته ڪم وبيش 15 يا 20 منٽن ۾ ٿڪجي پوندو ۽ هڪ اهڙو ماڻهو جيڪو روزانو ڊوڙي ٿو، ان کي ڊوڙ جي عادَت آهي، اهو 2 ڪلاڪ به ڊڪي ته ڪونه ٿڪبو۔ پهريون شخص 20 منٽن ۾ ٿڪجي پيو ۽ ٻيو 2 ڪلاڪن ۾ به ٿڪاوٽ جو شِڪار نه ٿيو، اهو ٻيو ماڻهو لوھ جو ناهي ٺهيل، ان به پهريان پهريان جڏهن ڊوڙڻ شروع ڪيو هو ته ڪجھ دير ۾ ٿڪجي پيو هو پر ان پاڻ کي ٿڪايو، روزانو جي اعتبار سان ڊڪندو رهيو، آهسته آهسته ان کي ڊوڙڻ جي عادَت پئجي وئي، هاڻي اهو 2 ڪلاڪ به ڊوڙي ته ٿڪجندو ناهي، خبر پئي ته ٿڪاوٽ کان ان کي ڇوٽڪارو ملندو آهي جيڪو پاڻ کي ٿڪائي ڇڏيندو آهي۔

فراغت  سے  دنیا  میں  اِک  دم  نہ  بیٹھو

اگر  چاہتے  ہو  فراغت  زیادہ

اوهان دُنيا جي سَروَي ڪري وٺو، جيڪو ٻانهو گھڻو مَصرُوف هوندو آهي، اهو گھڻو چست هوندو آهي ۽ جيڪو جيترو فارِغ هوندو آهي، اوترو ئي سست هوندو آهي۔ اوهان پاڻ کي مَصرُوف ڪريو، پاڻ کي محنت وارن ڪمن ۾