Book Name:Susti-o-Kahili Say Nijat Kasay Milay

مَصرُوف ڏسي فرمايائون: اَلْفَارِغُ مَااُمِرَ بِہٰذَا يعني  فارغ شخص کي هن جو حڪم ناهي ڏنو ويو، پوءِ پاڻ سورۂ اَلَمْ نَشْرَحْ جي آيت:7 تِلاوت ڪئي، الله ڪريم فرمائي ٿو:

فَاِذَا فَرَغْتَ فَانْصَبْۙ(۷) (پاره30،سورۃالم نشرح:7)   

ترجمو ڪنز الايمان: پوءِ جڏهن تون نماز کان فارغ  ٿئين ته دعا ۾ محنت ڪر.

مطلب اهو آهي ته جڏهن هڪ عِبَادت کان فارِغ ٿيو ته ٻي شروع ڪري ڇڏيو ۽ ڪنهن وقت عِبَادت کان خالِي نه رهو ڇوته توهان کي پيدا ڪرڻ جو اَصل مقصد عِبَادت ئي آهي۔

(انوار جمال مصطفےٰ صلی اللہ علیہ وسلم، صفحہ:323) 

پيارا اسلامي ڀائرو! سُستي ڀڄايو، پاڻ کي مَصرُوف ڪريو، پنهنجي 24 ڪلاڪن جو جدول (Schedule) بڻايو، ان ۾ هڪ لمحو به فارِغ نه رکو، ان ۾ ننڊ جو وَقت به رکو، گھر وارن کي به ٽائم ڏيو، ٻارن جي لاءِ به ٽائم رکو، انهن کي علمِ دين سکاريو، سنتون ۽ آداب سيکاريو، انهن سان خوش طبعي ڪريو، ضروري دُنياوي ڪم ۽ گھريلو ڪم ڪار جو به وقت مقرر ڪريو، عِبَادت جا وقت به مقرر ڪريو پر جدول اهڙو رکو جو 24 ڪلاڪن ۾ هڪ منٽ به بغير جدول جي نه هجي، اوهان کي ٽائم پاس جي لاءِ T.V، فيس بُڪ، يوٽيوب، ويڊيو گيمز وغيره جو سهارو نه وٺڻو پوي۔

(3): پاڻ تي گھڻو بار نه وجھو

اي عاشقانِ رسول! پاڻ کي مَصرُوف ڪريو پر هن ۾ هڪ شيء جو لازِمي لحاظ رکو ته پاڻ تي بار نه وجھو۔ فِزِڪس (Physics) جو هڪ اُصُول آهي: ”ڪنهن به شيء کي حرڪت ڏيڻ جي لاءِ قوت جي ضرورت هوندي آهي، اوهان جنهن شيء کي جيتري قوت سان حرڪت ڏيندؤ، اها اوتري ئي تيز حرڪت ڪندي،“ سائيڪل جو مِثَال وٺو، سائيڪل هلائڻ وارو جيتري