Book Name:Susti-o-Kahili Say Nijat Kasay Milay

سال ٽن مهينن جا روزا رکي ۽ هر سال جَمادي الآخرٰي ۾ رسالو ڪفن جي واپسي ۽ رَجَبُ المُرَجَّب ۾ آقا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو مهينو ۽ شَعبان المُعَظّم ۾ فيضانِ رمضان پڙهي يا ٻڌي وٺڻ جي سعادت حاصل ڪري مون کي ۽ ان کي دنيا ۽ آخرت جون ڀلايون نصيب فرماءِ ۽ اسان کي بي حساب بخشي ڪري جنّت الفردوس ۾ پنهنجي مدني حبيب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي پاڙي ۾ گڏ رک. اٰمين بِجاهِ النَّبِيِّ الۡاَمين صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم  

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! بيان کي اِختِتام ڏانهن آڻيندي سُنّت جي فضيلت، ڪجھ سُنّتون ۽ آداب بَيان ڪرڻ جي سَعادَت حاصِل ڪيان ٿو۔ تاجدارِ رسالت، شَهنْشاھ نُبُوت صَلَّي اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو فرمانِ جنّت نشان آهي: جنهن منهنجي سُنّت سان مَحَبَّت ڪئي ان مون سان مَحَبَّت ڪئي ۽ جنهن مون سان مَحَبَّت ڪئي هو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو۔

(مشکاۃ الصابیح،کتاب الایمان،باب الاعتصام بالکتاب والسنۃ،الفصل الثانی،۱/۵۵،حدیث:۱۷۵)

سینہ تیری سُنّت کا مدینہ بنے آقا!                         جنت میں پڑوسی مجھے تم اپنا بنانا

گھٽ کائڻ سُنَّت آهي

ٻه فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ: (1): جڏهن انسان گھٽ کائيندو آهي، ان جو باطن نور سان ڀرجي ويندو آهي۔ (جامع صغیر، صفحہ:233،حدیث:3831) (2): جيڪو دُنيا ۾ گھٽ کائي، گھٽ پيئي، الله پاڪ ملائڪن جي اڳيان ان تي فخر ڪندو آهي۔

(مَجْمَعُ الزَّوائِد، کتابُ الْاَدب، باب حُسْنِ اَخْلاق کے بیان میں، جلد:8، صفحہ:19، حدیث:12687)

اي عاشقانِ رسول! گھٽ کائڻ سُنَّت آهي۔ * اسان جو پيارو آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ بک کان گھٽ کائيندو هو، * رسول اڪرم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جيستائين دُنيا ۾ تشريف فرما رهيا، ڪڏهن لاڳيتو ٻه راتيون پيٽ ڀري نه کاڌائون * رحمت عالم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ بک سبب پيٽ تي پٿر ٻڌي رکندا هئا۔

کاڌي جي مِقدَار بابت اَحڪام: * بک هجڻ وقت کائڻ سُنت آهي * جيتري بک هجي، اوترو کائڻ مُبَاح آهي (يعني هن ۾ نه گُنَاھ، نه ثواب) * پيٽ ڀري ايترو کائڻ