Book Name:Susti-o-Kahili Say Nijat Kasay Milay

جيئن ته فرمانِ مُصطَفٰيصَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ آهي: جيڪو شخص الله پاڪ کان ڊڄي ٿو ان جي لاءِ صِحَّت مند هئڻ مالداري کان تمام بهتر آهي ۽ نيڪ طبيعت هئڻ ڪيئي نعمتن جو مجموعو آهي۔

 (مسند احمد، جلد:9، صفحہ:457، حدیث:23802)

 

          حضرت سَيدُنا محمد بن ڪعب رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه هن اِرشَاد مُبارَڪه جي وَضَاحَت فرمائن ٿا ته بدن جو تَندُرُست رهڻ عِبَادَت ڪرڻ ۾ مدد گار ثابت ٿيندو آهي۔ صِحَّت هڪ عظيم نِعمَت آهي جڏهن ته بيمار ۽ سُست شخص عِبَادت ڪرڻ کان لاچار ۽ عاجِز هوندو آهي ۽ صِحَّت و تندرستي سان گڏ غُربَت جو هئڻ هن ڳالھ کان بهتر آهي ته لاچاري سان گڏ مالداري هجي ۽ نيڪ طبيعت هئڻ هڪ اهڙو (روحاني) سُرُور آهي، جنهن جي سبب الله پاڪ پنهنجي ٻانهي کي پنهنجي اِطَاعَت جي توفيق، (عِبَادَت جي لاءِ) بيزاري کان پاڪ زندگي ۽ ٿڪاوٽ کان پاڪ جسم عطا فرمائيندو آهي ۽ ان کي (دنيا جي) خوفناڪ خطرن کان محفوظ ڪري ڇڏيندو آهي ۽ جڏهن زندگي خدشن ۽ خطرن کان مَحفوظ ٿي وڃي ۽ تنگي نه رهي ته دل زندگي ماڻيندي آهي ۽ نَفس مُطمَئِن ٿي ويندو آهي اهڙو شخص نعمتن سان مالا مال ٿي ويندو آهي۔

(دُنیا سے بےرغبتی اور امیدوں کی کمی، صفحہ:67 بتغیر قلیل)

کرجوانی میں عبادت کاہلی اچھی نہیں                     جب بڑھاپا آ گیا پھر بات  بن پڑتی نہیں

ہے بڑھاپا بھی غنیمت جب جوانی ہو چکی                 یہ بڑھاپا بھی نہ ہوگا موت جس دم آ گئی

سستي جي باري ۾ 3 حديثون

(1):بخاري شريف، حديث:6223 ۾ آهي: اِنَّ اللّٰہَ یُحِبُّ الْعِطَاسَ ویَکْرَہُ التَّثَاؤُبَ بيشڪ الله پاڪ نڇ کي پسند فرمائي ٿو ۽ اوٻاسي کي ناپسند ڪري ٿو۔ (بُخاری، کتاب الادب، باب ما یستحب من العطاس...الخ، صفحہ:1540، حدیث:6223، ملتقطًا) عَلَّامه عَبدُ الرَّؤُف مناوي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه هن جو سبب بيان ڪندي لکن ٿا: اوٻاسي وڌيڪ کائڻ جي ڪري ٿيندي آهي ۽ اها سُستي جي علامت آهي ان ڪري الله پاڪ کي ناپسند آهي۔ (فیض القدیر،