Book Name:Susti-o-Kahili Say Nijat Kasay Milay

قدر نٿا سڃاڻو۔

اي عاشقانِ رسول! ٻڌايو! هڪ پاسي چانھ جو هڪ ڪپ، ٻي پاسي باجماعت نماز جي صُورت ۾ 27 نمازن جو ثواب، اوهان پنهنجي، پنهنجي وقت جي ڇا قيمت لڳايو ٿا؟ هڪ پاسي دوستن جي نشست، هڪ پاسي جَنَّت، ٻڌايو! اوهان پنهنجي ڇا قيمت لڳايو ٿا؟ هڪ پاسي برسات، بادَل، خراب موسَم، هڪ پاسي ڪاميابي، ٻنهي مان اوهان ڪنهن تي هٿ رکو ٿا؟ هڪ پاسي اهو مِزَاج جو منهنجي دِل نه نٿي چاهي، ٻي پاسي نيڪيون، هڪ پاسي نفس جي خواهش، ٻي پاسي جنَّت جون اَبَدِي نعمتون، اوهان ڪنهن کي پسند ڪريو ٿا، پنهنجو وقت، پنهنجي زِندگي ڪنهن جي بدلي وڪرو ڪيو ٿا۔ ٿورو سوچيو! ڇا اسان جي زِندگي جي ايتري گھٽ قيمت آهي جو اسان فضول سبب جي ڪري پنهنجي مقصد کي وساري ڇڏيون؟ نه، اسان جي زِندگي ايتري معمولي ناهي، تنهنڪري ڪڏهن به نفس جي ورغلائڻ ۾ نه اچو۔ ياد رکو! جهڙي طرح اسان وٽ ڪم نه ڪرڻ جا بهانا هوندا آهن، اهڙي طرح ڪم ڪرڻ جون به هزار راهون هونديون آهن۔

جو آنا چاہو ہزار رستے، نہ آنا چاہو تو عُذْر لاکھوں

جيڪڏهن اوهان سُستي ڀڄائڻ چاهيو ٿا، جيڪڏهن اوهان زِندگي جي سَفَر ۾ ڪامياب ٿيڻ چاهيو ٿا ته ڪڏهن به ڪم نه ڪرڻ جا بهانا نه سوچيو! هميشه ڪم ڪرڻ جون راهون ڳوليو۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                        صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

(6-7-8):دُعا ڪريو، باوُضو رهو، هدف ٺاهي ڪم ڪريو

 * سُستي کان بچڻ جي لاءِ دُعا ڪرڻ بلڪل نه وساريو، ڇوته دُعا مؤمن جو هٿيار آهي، سرڪار عالي وقار، بيڪسن جي مدد گار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ اُمَّت جي تعليم جي لاءِ دُعا گھرندا هئا: اَللّٰہُمَّ اِنِّی اَعُوْذُ بِکَ مِنَ الْعِجْزِ وَالْکَسْلِ اي الله پاڪ! مان عاجِز اچڻ کان ۽ سُستي کان تنهنجي پناھ گھران ٿو۔ * باوُضو رهو * هميشه هدف بڻائي ڪم