Book Name:Susti-o-Kahili Say Nijat Kasay Milay

آقا، سرورِ ذيشان صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ اُن صحابي رَضِىَ اللهُ عَنْه کي صِرف فرمائن ها ته فراسي ۽ پيالو وڪڻي ڪهاڙي خريدي وٺو، ان جي لاءِ اهو فرمان به ڪافِي هو، اهو فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ تي ضرور عَمَل ڪري ها، پر سردارِ انبيا، محبوبِ ڪبريا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن صرف ارشاد نه فرمايو بلڪ ڪري ڏيکاريو، معلوم ٿيو ته تربيت هميشه آڱر پڪڙي ڪئي ويندي آهي، قوم کي هٿ پڪڙي بيهاريو ويندو آهي، هن ۾ مُبَلِّغن جي لاءِ درس آهي ته اِصلَاح ڪرڻي آهي ته صِرف چئي ڇڏبو ناهي، بلڪ ڪري به ڏيکاربو آهي، اسان بيزار ٿي ويندا آهيون مثال طور مون فلاڻي کي ايتري ڀيرا نماز جي دعوت ڏني، اهو مڃي ئي نٿو، منهنجا ڀاءُ! نٿو مڃي ته ڇا ٿيو؟ اوهان ان جي گھر هليا وڃو، دروازو کڙڪايو، سلام ڪريو، پيار سان، حڪمتِ عملي سان، پاڻ سان گڏ مسجد وٺي وڃو۔ گھر ۾ ٻار غلطي ڪري ته ان کي هڪ، ٻه ڀيرا سمجھايو ويندو آهي، ٽئين ڀيري ٿڦ لڳندو آهي، پيارا اسلامي ڀائرو! ائين نه هئڻ گھرجي، اهو غلط انداز آهي۔ تربيت ڪرڻي آهي ته بيزاري جو شڪار نه ٿيو، حڪمتِ عملي اپنايو۔ اسان جي پياري آقا، مديني واري مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو اهو ئي اندازِ تربيت هو، پوءِ هن مُبَارَڪ انداز جو نتيجو به ڏسو! اهڙي قوم جنهن جي ان وقت دُنيا ۾ ڪا عزَّت نه هئي، سَيدُ المُبَلِّغِين، رَحمَةُ لِّلْعَالَمِين صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن ان قوم جي اهڙي تربيت فرمائي، جو انهن کي دُنيا جو امام بڻائي ڇڏيو۔

کس نے ذروں کو اُٹھایا اور صحرا کر دیا                   کس نے قطروں کو ملایا اور دریا کر دیا

کس کی حکمت نے یتیموں کو کیا دُرِّ یتیم                    اَور غلاموں کو زمانے بھر کا مولا کر دیا

 خير! آخري نبي، رسولِ هاشِمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن پنهنجي مبارڪ هٿ سان ڪهاڙي ۾ دستو(ڳن) وڌو، اَنصَارِي صحابي رَضِىَ اللهُ عَنْه کي ڏئي فرمايائون: جهنگل ۾ وڃو، ڪاٺيون ڪري بازار ۾ وڪرو ڪيو! 15 ڏينهن تائين مون کي نظر نه اچجو۔ اَنصَارِي صحابي رَضِىَ اللهُ عَنْه ڪهاڙي کڻي هليو ويو۔ 15 ڏينهن کان پوءِ واپس موٽي آيو ته ان جي هٿ ۾ 10 دِرهم هئا۔ نبي رَحمت، شفيعِ اُمَّت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ