Book Name:Susti-o-Kahili Say Nijat Kasay Milay

سرورِ ذيشان صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن اِعلان ڪيو: ڪير اهي شيون خريد ڪرڻ چاهي ٿو؟ هڪ صحابي
رَضِىَ اللهُ عَنْه عرض ڪيو: حضور! مان هڪ دِرهم (چاندي جي سڪي) جي بدلي خريد ڪيان ٿو۔ فرمايائون: ڪو آهي جيڪو هن کان وڌيڪ قيمت لڳائي؟ ٻئي صحابي رَضِىَ اللهُ عَنْه چيو: حضور! مان ٻن دِرهمن جي بدلي خريد ڪيان ٿو۔ نبي اڪرم، رسولِ محتشم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ٻئي شيون اُن صحابي رَضِىَ اللهُ عَنْه کي ڏنيون، 2 دِرهم وُصُول ڪري ۽ انهن شين جي اَصل مالِڪ کي دِرهم ڏئي ارشاد فرمايائون: بازار وڃو، هڪ درهم جو اناج (کائڻ پيئڻ جو سامان) خريد ڪري گھر پهچاءِ، ٻي دِرهم مان ڪهاڙي خريد ڪري مون وٽ کڻي اچُو! اهو صحابي رَضِىَ اللهُ عَنْه جلدي مان بازار ويو، هڪ  درهم مان اَناج خريد ڪري گھر پهچايائين، ۽ ٻي درهم مان ڪهاڙي خريدي بارگاھ رسالت ۾ حاضر ٿيو، حضرت انس بن مالڪ رَضِىَ اللهُ عَنْه فرمائن ٿا: مِعرَاج واري گهوٽ، تاجدارِ انبيا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ پنهنجي مبارڪ  هٿن سان ان ڪهاڙي ۾ ڪاٺي جو دَستو (يعني ڳَنُ) وڌو۔

الله! الله! اهڙو آقا زماني به نه ڏٺو هوندو۔ شان ڏسو! اِمامُ الاَنبِيا آهن، الله جا محبوب آهن، ٻنهي جهانن جا آقا آهن، مالڪ جَنَّت آهن، مالڪ ڪوثَر آهن، جبريل عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم جنهن جي گھر خادِم بڻجي حاضِر ٿيندو هجي، الله پاڪ زمين و آسمان جن جي صدقي پيدا ڪيا هجن، اهڙي عِزَّت! ايترو رُتبو...! ان جي باوجود غلامن سان تعلق ڏسو، پنهنجي  مبارڪ هٿ سان ڪهاڙي ۾ دستو (ڳَن) وجھي ڏئي رهيا آهن۔

اَرْبابِ نظر کو کوئی ایسا نہ ملے گا

بندے تو مل ہی جائیں گے آقا نہ ملے گا

 اي عاشقانِ رسول! حضور اڪرم، نور مجسم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو اندازِ تربيت به ڏسو! صَحَابه ڪرام عَلَيۡهِم الرِّضْوَان اهي آهن جيڪي حُضُور اَقدس صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي هڪ اشاري تي جان تري تي رکي حاضِر ٿي ويندا هئا، جيڪڏهن ٻنهي جهانن جا