Book Name:Susti-o-Kahili Say Nijat Kasay Milay

بے خبر ہو جو غلاموں سے وہ آقا کیا ہے

 غيبن تي خبردار نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ڄاڻن ٿا ته ان جي اَصل ضرورت مال ناهي، ڪا ٻي شيء آهي۔ ان ڪري فرمايائون: ڇا تنهنجي گھر ۾ ڪا شيء نه آهي؟ عرض ڪيائين: اسان وٽ هڪ فراسي آهي جيڪا اسان اڌ هيٺ وڇائيندا آهيون، اڌ مٿان وجهندا آهيون ۽ هڪ پيالو آهي، ان ۾ اسان پاڻي پيندا آهيون۔

الله اڪبر! صحابه ڪرام عَلَيۡهِم الرِّضْوَان جو فَقر ڏسو! گھر جو ساز وسامان ڪهڙو آهي؟ هڪ فراسي، هڪ پيالو پر قربان وڃجي! اهڙن حالتن جي باوُجود به صحابه ڪرام عَلَيۡهِم الرِّضْوَان جو ايماني جذبو گھٽ نه ٿيندو هو، انهن حالتن ۾ به انهن جون نمازون قضا نه ٿينديون هيون، گھر ۾ کائڻ پيئڻ جي لاءِ ڪجھ نه هوندو هو، ان جي باوجود روزا پابندي سان رکندا هئا، صحابه ڪرام عَلَيۡهِم الرِّضْوَان بُک جي ڪري پيٽ تي پٿر ٻڌي رکندا هئا، ان جي باوُجود غزوه بدر ۾ گھرايو ويو، بدر پهتا، غزوه اُحُد ۾ سڏيو ويو، اُحُد پهتا، غزوه تَبُوڪ جي لاءِ گھرايو ويو، تَبُوڪ ۾ پهتا.

مِٹَایا قیصروکسری کے اِسْتِبْداد کو جس نے                                       وہ کیا تھا؟ زَوْرِ حَیْدَر، فَقْرِ بُوْذَرْ، صِدْقِ سلیمانی

 شعر جو مفهوم: قيصر ۽ ڪسريٰ (يعني رُوم ۽ ايران جي ڪافِر بادشاهن) جو ظُلْم وسِتَم ڪنهن مٽايو، انهن اصحابن جيڪي بهادُر هئا، فقر انهن جو زيور هو ۽ هميشه سچ ڳالهائڻ وارا هئا۔

اسان ڳالھ ڪئي پئي ته اَنصَارِي صحابي رَضِىَ اللهُ عَنْه عرض ڪيو: حُضُور! گھر ۾ هڪ فراسي آهي، هڪ پيالو آهي۔ پياري آقا، مديني واري مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: وڃو! ٻئي شيون کڻي اچو! اهو صحابي رَضِىَ اللهُ عَنْه گھر ويو فراسي ۽ پيالو کڻي بارگاھ رِسَالت ۾ حاضِر ٿيو، رَحمَتِ عالميان،