Book Name:Pul Sirat K Ahwal

ڳالهايو نه۔ هاڻي رُوئڻ دانهون ڪرڻ ۽ مدد گھرڻ کان علاوه ٻي ڪا راھ نه هوندي۔

ہےسرپربارِعِصیاں پُل صِراط اب پارہوکیسے                                                                                                              سنبھالوورنہ دوزخ میں گِروں گایارسولَ اللّٰہ([1])

صَلُّوا عَلَي الْحَبيب!                                                                                                           صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

اي منهنجا پيارا اسلامي ڀائرو! جڏهن اهي تمام خطرا اسان جي سامهون هجن ته ٻڌايو ان وقت اسان پنهنجي عقل کي ڪيئن ڏسون ٿا؟ جيڪڏهن اسان انهن شين تي ايمان رکڻ جي باوجود هن کان غفلت ۽ ان جي تياري جي معاملي ۾ سستي جو شڪار آهيون ته اسان جو نقصان ۽ سرڪشي تمام وڏي آهي۔ امام غزاليرَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا ته اي مومن تنهنجو اهڙو ايمان توکي ڪهڙو فائدو ڏيندو جيڪو توکي گناھ ڇڏڻ ۽ عبادتون ڪرڻ جي ذريعي الله پاڪ جي خوشنودي تي به نٿو تيار ڪري! جيڪڏهن تنهنجي سامهون صرف پلصراط جي دهشت ۽ ان تان گذرڻ جو دل ڏڪائيندڙ خطرو ئي هجي توڙي جو تون سلامتي سان گذري به وڃين پوءِ به اهو ڊپ ۽ خوف ڇا تنهنجي چيلھ چٻي ڪرڻ جي لاءِ گھٽ آهي؟۔

اي عاشقانِ رسول! پل صراط جو خوف ڪهڙو هوندو، اچو ان جي هڪ جھلڪ ڏسو۔ حضرت يحييٰ بن يمان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: مون هڪ مرد کي ڏٺو جنهن جي مٿي ۽ ڏاڙھي جا وار ڪارا هئا ۽ هو هڪ خوبصورت انسان هو۔ جڏهن اهو سُتو ته ان خواب ۾ ڏٺو ته ماڻهو ميدان محشر ۾ گڏ ٿيا آهن ۽ باھ جو هڪ درياء آهي ۽ ان جي مٿان پل رکيل آهي۔ ماڻهو ان پل تان لنگھي رهيا آهن ۽ پوء ان کي ڪنهن آواز ڏئي سڏيو ۽ اهو پل تان لنگهيو، ڇا ٿو ڏسي ته اها تلوار جي ڌار جيان سنهي آهي ۽ اهو کاٻي ساڄي هلڻ لڳي ٿو۔ جڏهن هو صبح ننڊ


 

 



[1]   وسائل بخشش، ص 323۔