Book Name:Pul Sirat K Ahwal

اسان کي گهرجي ته راھ خدا ۾ ڪجھ نه ڪجھ ڏيندا رهون، صدقو ۽ خيرات ڪندا رهون۔

ٻين جي عزّت جي حفاظت ڪرڻ

   پيارا اسلامي ڀائرو! پلصراط تي ڪم ايندڙ هڪ عمل ڪنهن مسلمان جي عزّت جي حفاظت ڪرڻ آهي۔ حڪيمُ الامّت مفتي احمد يار خان نعيمي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه لکن ٿا: جنهن مسلمان جي غيبت ڪئي ويندي هجي، ان جي عزّت بچائڻ واري کي ملائڪ پلصراط تان پرن ۾ ڍڪي گذاريندا ته جيئن دوزخ جي باھ جي تپش اُن تائين نه پهچي سگهي۔ (مرأة المناجیح،۶/۵۷۲ ملخصاً)

اسان کي گھرجي ته اسان ٻين جي عزت جي حفاظت ڪريون * ڪنهن کي تڪليف نه ڏيون * ڪنهن تي ڪوڙا اِلزام نه لڳايون * ڪنهنن جي باري ۾ بدگماني کي پنهنجي دل ۾ جڳھ نه ڏيون * ڪنهن جي دل نه ڏکايون * ڪنهن جون پرپٺ بُرائيون نه ڪريون * ڪنهن جو مذاق اُڏائي ان جي عزّت پامال نه ڪريون * سازشون ڪري ڪنهن جي ترقي ۾ رڪاوٽ نه وجھون * ۽ ڪنهن جون بُرائيون ماڻهن ۾ پکيڙي ان کي بدنام نه ڪريون، ڇاڪاڻ ته اڄ اسان ڪنهن سان جهڙو سلوڪ ڪنداسين سڀاڻي اسان سان به اهو ئي ٿي سگھي ٿو۔ ان جي برخلاف جيڪڏهن اسان هر هڪ جي عزّت جو تحفظ ڪنداسين، هر هڪ سان سچ ڳالهائينداسين، هر هڪ جو احترام ڪنداسين، هر هڪ جي باري ۾ سٺو گُمان رکنداسين، هر هڪ جي خيرخواهي ڪنداسين ته الله پاڪ چاهيو ته اسان سان به هر طرح سان ڀلائي وارو معاملو ئي ٿيندو۔ ياد رکو! جهڙي طرح بُرو عمل ٻانهي تي بُرائي جا دروازا کولي ڇڏيندو آهي، اهڙي طرح سٺو عمل چڱائي جون ڪيئي صورتون بڻائيندو آهي ۽ نيٺ چڱي عمل جي جزا ضرور ملندي آهي۔

پيارا اسلامي ڀائرو! حديث مبارڪه ۾ انهن نيڪ عملن کان علاوه ٻيا به کوڙ اهڙا عمل آهن جيڪي پلصراط تان آساني ۽ حفاظت جو ذريعو بڻجندا، جيئن