Book Name:Pul Sirat K Ahwal

جهنم تي پوندي، ڪنن کي باھ جي ڀڙڪڻ ۽ جوش هڻڻ جو آواز ٻڌڻ ايندو، هاڻي اهڙي  ڪمزور حالت، دل پريشان، ڏڪندڙ قدم ۽ پُٺيءَ تي ايتري قدر وزن جيڪو زمين تي به هلڻ نه ڏئي، ان جي باوجود پلصراط تي هلڻو پوندو، هاءِ افسوس! ان وقت ڪهڙي حالت هوندي جڏهن هڪ قدم ان تي رکڻ سان ان جي تيزي محسوس ٿيندي ته ٻيو قدم کڻڻ تي به مجبور ٿينداسين، ماڻهو اسان جي سامهون ترڪي ترڪي ڪِري رهيا هوندا ۽ دوزخ جا ملائڪ انهن کي لوهي ڪنڊن سان پڪڙي رهيا هوندا ۽ اسان انهن کي ڏسي رهيا هونداسين ته ڪهڙي نموني هو هيٺ ڪِري رهيا آهن، هاءِ افسوس! ڪيتري قدر خوفناڪ منظر هوندو چڙھڻ واري جڳھ انتهائي دشوار ۽ لنگھڻ واري راھ انتهائي سوڙهي هوندي۔

حسرت، حسرت ئي رهجي ويندي

        هاڻي ٿورو پنهنجي حالت ڏانهن به ڏسو اسان ان پل ڏانهن وڌي رهيا هونداسين ۽ ان تي چڙھي رهيا هونداسين، اسان جي پُٺي اسان جي گناهن جي وزن سبب جھڪيل هوندي، ساڄي کاٻي پاسي ماڻهن کي ڏسنداسين ته جهنم ۾ ڪري رهيا هوندا جڏهن ته غمخوارِ اُمَّت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمائي رهيا هوندا:
یَارَبِّ سَلِّمْ سَلِّمْ يعني اي منهنجا رب انهن کي بچائي وٺ۔ پلصراط تان ڪيترن ئي ماڻهن جي ترڪڻ جي سبب جهنم جي گهرائي مان تباهي ۽ بربادي جون رڙيون دانهون ٻڌڻ ۾ اينديون، پر هاڻي اسان جي شرمساري اسان کي ڪجھ نفعو نه ڏيندي جيڪڏهن اسان جو قدم به ترڪي ويو ته سوچيو ڪهڙو منظر هوندو؟ هاڻي حالت اها هوندي جو اسان موت موت پڪارينداسين ۽ چونداسين: هن ڏينهن کان ته ڊڄندا هئاسين، اي ڪاش! پنهنجي هن زندگي جي لاءِ ڪجھ اڳتي موڪليون ها، ڪاش! سنتِ نبوي تي عمل ڪيون ها، هاءِ خرابي، ڪاش! ڪنهن طرح فلاڻي کي دوست نه بڻايون ها، ڪاش! مان مٽي هجان ها، ڪاش! مان وساريل شيء هجان ها، هاءِ ڪاش! منهنجي ماءُ ئي مون کي نه ڄڻي ها۔ ان وقت باھ جا شعلا پڪڙي وٺندا ۽ هڪ پڪارڻ وارو چوندو: ڌڪاريل رهو هن ۾ ۽