Book Name:Pul Sirat K Ahwal

۽ اسلامي ڪيلنڊر موجود آهي۔ ايپلي ڪيشن ۾ موجود ڊيجيٽل ڪمپاس جي ذريعي دنيا ۾ ڪٿي به قبلي جي صحيح سمت معلوم ڪري سگھو ٿا۔ ته اڄ ئي پنهنجي موبائل ۾ هيءَ ايپليڪيشن انسٽال ڪريو۔ ۽ ٻين کي به انسٽال ڪرڻ جو مشورو ڏيو۔

پيارا اسلامي ڀائرو! بيان کي ختم ڪندي سنّت جي فضيلت ۽ ڪجھ سنّتون ۽ آداب بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪيان ٿو، تاجدار رسالت، شهنشاههِ نُبُوَّت، مصطفيٰ جانِ رحمت صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو فرمان جنّت نشان آهي: جنهن منهنجي سنّت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو. (مشکاۃ، کتاب الایمان باب الاعتصام بالکتاب والسنۃ ، ۱/ ۵۵،حدیث: ۱۷۵)

سینہ تری سنت کا مدینہ بنے آقا                                                         جنت میں پڑوسی مجھے تم اپنا بنانا

 صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                             صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

نَنهن ڪٽڻ جون سنتون ۽ آداب

          اچو! شيخ طريقت امير اهلسنت دَامَتْ بَرَکَاتُهمُ الْعَالِيه جي رسالي 101 مدني گل مان ننهن ڪٽڻ جون سنتون ۽ آداب ٻڌون ٿا۔ * جمعي جي ڏينهن ننهن ڪٽڻ مستحب آهن۔ ها جيڪڏهن وڌي ويا هجن ته جمعي جو انتظار نه ڪريو۔ (دُرِّمُختار،۹/۶۶۸) منقول آهي؛ ”جيڪو جمعي جي ڏينهن ننهن ڪٽي الله تعاليٰ اُن کي ٻئي جمعي تائين مصيبتن کان محفوظ رکندو ۽ ٽي ڏينهن وڌيڪ يعني ڏهه ڏينهن تائين۔ هڪ روايت ۾ هي به آهي ته جيڪو جمعي جي ڏينهن ننهن ڪٽي ته رحمت نازل ٿيندي ۽ گناهه ڇڻندا۔ (دُرِّمُختار، رَدُّالْمُحتَار،۹/۶۶۸۔ بہارِشريعت حصّہ۱۶ ص ۲۲۵،۲۲۶) * هٿن جا ننهن ڪٽڻ جي طريقي جو خلاصو هي آهي؛ پهرين ساڄي هٿ جي شهادت واري آڱر کان شروع ڪري ترتيبوار چيچ سميت ننهن ڪٽيا وڃن پر آڱوٺو ڇڏيو وڃي، هاڻي کاٻي هٿ جي چيچ کان شروع ڪري ترتيبوار آڱوٺي سميت ننهن ڪٽيو، پوءِ هاڻي آخر ۾ ساڄي هٿ جي آڱوٺي جو ننهن ڪٽيو