Book Name:Pul Sirat K Ahwal

وڃي۔ (دُرِّمُختار،۹/۶۷۰ ، اِحْیاءُ الْعُلُوم ،۱/۱۹۳) * پيرن جي ننهن ڪٽڻ جي ڪا ترتيب منقول ناهي۔ بهتر اهو آهي ته ساڄي پير جي چيچ کان شروع ڪري ترتيبوار آڱوٺي سميت ننهن ڪٽيو پوءِ کاٻي پير جي آڱوٺي کان شروع ڪري چيچ سميت ننهن ڪٽيو۔ (ايضًا) * جنابت جي حالت (يعني غسل فرض ٿيڻ جي صورت) ۾ ننهن ڪٽڻ مڪروهه آهي۔ (عالَمگیری، ۵/۳۵۸) * ڏند سان ننهن ڪٽڻ مڪروهه آهي ۽ ان سان برص (يعني ڪوڙهه) جي بيماري ٿيڻ جو انديشو آهي۔ ((عالَمگیری، ۵/۳۵۸)) * ننهن ڪٽڻ کان پوءِ انهن کي دفن ڪري ڇڏيو ۽ جيڪڏهن اڇلائي ڇڏيو ته به حرج ناهي۔ (عالَمگیری، ۵/۳۵۸)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                           صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

طرح طرح جون هزارين سنتون سکڻ جي لاءِ مڪتبة المدينه جي شايع ٿيل ٻه ڪتاب ”بهار شريعت“ حصو 16 (312 صفحا) ۽ 120 صفحن جو ڪتاب سنتیں اورآداب“ حاصل ڪريو ۽ ان جو مطالعو ڪريو.

 صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                          صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

دعوتِ اسلامي جي هفتيوار سنتن ڀري

اِجتِماع ۾ پڙهيا ويندڙ 6 درود شريف ۽ 2 دعائون

)1( جمعه جي رات جو دُرُود

اَللّٰھُمَّ صَلِّ وَسَلِّمْ وَبَارِكْ عَلٰی سَیِّدِنَا مُحَمَّدٍ النَّبِیِّ الْاُمِّیِّ الْحَبِیْبِ الْعَالِی الْقَدْرِ الْعَظِیْمِ الْجَاہِ وَ عَلٰی اٰلِہٖ وَ صَحْبِہٖ وَ سَلِّمْ

 بزرگن فرمايو ته جيڪو شخص هر جمعرات (جمعه ۽ خميس جي وچين رات) هن دُرُود شريف کي پابندي سان گھٽ ۾ گھٽ هڪ ڀيرو پڙهندو موت جي وقت سرڪار مدينه صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي زيارت ڪندو ۽ قبر ۾ داخل ٿيڻ وقت به ايستائين هو ڏسندو ته سرڪار مدينه صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ ان کي پنهنجي هٿن سان قبر