Book Name:Pul Sirat K Ahwal

درود شريف جي ڪثرت ڪرڻ، مسجد ۾ بڪثرت حاضر ٿيڻ، ڪنهن مسلمان جي پريشاني دور ڪرڻ، امانت ۾ خيانت نه ڪرڻ، رشتيدارن سان سٺو سلوڪ ڪرڻ، ڀلائي جي ڪم ۾ سفارش ڪرڻ، مسواڪ استعمال ڪرڻ وغيره۔

پلصراط تي نقصان ڏيندڙ عمل

   پيارا اسلامي ڀائرو! اسان پلصراط تي ڪم ايندڙ نيڪ عملن جي باري ۾ ٻڌو۔ اچو هاڻي انهن بُرن عملن جي باري ۾ ٻڌون ٿا جيڪي پل صراط تي پريشاني ۽ نقصان جو سبب بڻجي سگھن ٿا؟۔

ظلم ڪرڻ

   پلصراط تي نقصان ڏيندڙ عملن مان هڪ عَمَل ظلم ڪرڻ آهي۔ تورات ۾ لکيل آهي ته پلصراط جي پويان هڪ منادي ندا ڪندو: اي ظلم ۽ سرڪشي ڪرڻ وارؤ! اي عيش پرست بد بختؤ! بيشڪ الله پاڪ پنهنجي عزت جو قسم ٿو کڻي ته ڪنهن ظالم جو ظلم اڄ اها پل پار نه ڪري سگھندو۔ (کتاب الکبائر للذہبی ،الکبیرۃ السادسۃ والعشرون:الظلم ،ص۱۱۹)

باهه  جون زنجيرون

   ماڻهن جو مال ناحق ڦٻائڻ وارن، ڌاڙو هڻڻ وارن، پرچيون موڪلي يا ڪالون ڪري ناجائز رقمن (مثال طور ڪنهن کي اِغوا ڪري ان جي واپسي جي لاءِ وڏي رقم) جو مطالبو ڪرڻ وارن کي خوب غور ڪرڻ گھرجي ته اڄ جيڪو حرام مال بآساني نڙي کان هيٺ لهندو محسوس ٿي رهيو آهي اهو بروزِ قيامت ڪٿي سخت مصيبت ۾ نه وجھي ڇڏي۔

   حضرت سيدُنا فقيه اَبُوالَّليث سَمرقندي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: بيشڪ پلصراط تي باھ جون زنجيرون آهن، جنهن حرام جو هڪ درهم به ورتو ان جي پيرن ۾ باھ جون زنجيرون وڌيون وينديون، جنهن سبب ان کي پل صراط تي گذرڻ دشوار ٿي ويندو، ايستائين جو ان درھم جو مالڪ ان جي نيڪين مان بدلو نه