Book Name:Pul Sirat K Ahwal

وٺي۔ جيڪڏهن ان وٽ نيڪيون نه هونديون ته هو ان جي گناهن جو بار به کڻندو ۽ جهنَّم ۾ ڪري پوندو۔ (قُرَّۃُ العُیُون و معہ الروض الفائق ص۳۹۲)

گر تُو ناراض ہوا میری ہلاکت ہو گی                                                 ہائے! میں نارِ جہنّم میں جلوں گا یاربّ

عَفْو کر اور سَدا کے لئے راضی ہوجا                                                  گر کرم کردے تو جنَّت میں رہوں گا یارَب

(قُرَّۃُ العُیُون و معہ الروض الفائق ص۳۹۲)

 صَلُّوا عَلَي الْحَبيب!                                                     صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

          پيارا اسلامي ڀائرو! اڄ ئي سچي دل سان پنهنجي اڳوڻن گناهن کان توبه ڪريو ۽ اڄ تائين جنهن جنهن تي ظلم ڪيو آهي۔ ان کان معافي گھري وٺو ۽ ياد رکو ظالم کان علاوه انهن ماڻهن جي لاءِ به غوروفڪر جو موقعو آهي جيڪي بدنصيب نماز نٿا پڙهن، ڏاڙھي ڪوڙائن ٿا يا هڪ مٺ کان گھٽائن ٿا، ماءُ پيءُ کي ستائن ٿا، اولاد کي شريعت جي پابندي کان روڪي ماڊرن بنائن ٿا، گھرواري ۽ بالغ نياڻين کي بي پرده گهمائن ٿا، فلمن ڊرامن، گانن باجن، حرام روزين، وياجي واپار، ڌوڪي بازين، گندين گارين، غيبتن، چغلين، عيب ڳولڻ، بدنگاهين، بلااجازتِ شرعي مسلمانن جي دل آزارين، بي نمازين ۽ فيشن پرست برن دوستن جي صحبت کان نٿا بچن ۽ شهوت جي باوجود اَمردن يعني خوب صورت ڇوڪرن جي صحبتن وغيره وغيره گناهن کان باز نٿا اچن، انهن جي لاءِ ڳڻتي جو مقام آهي۔ جيڪڏهن الله پاڪ ۽ ان جو پيارو حبيب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ناراض ٿي ويا ۽ گناهن جي سبب ايمان برباد ٿي ويو ته يقيناً ناقابلِ برداشت دائمي عذابن کي منهن ڏيڻو پوندو ۽ پُلصراط تي نور به نه ملندو۔ جيئن

تنهنجي لاءِ ڪو نور ناهي!

حضرتِ سيدُنا عبدالله بن مبارڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: بيشڪ توهان الله پاڪ وٽ پنهنجي نالن ۽ نشانين ۽ پنهنجي سرگوشين ۽ مجلسن يعني بيٺڪن ۽ صحبتن سميت لکيل آهيو۔ جڏهن قِيامت جو ڏينهن ايندو ته آواز ايندو: اي فلاڻا