Book Name:Pul Sirat K Ahwal

وقت جا قاضي ۽ امام حضرتِ حسن بصري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه ڪري رهيا آهن۔ جن جي باري ۾ حضرت فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنْه جن دعا ڪئي يا الله! انهن کي دين جي سمجھ عطا فرما ۽ انهن کي ماڻهن ۾ پسنديده بڻاءِ۔ جن جي خوفِ خدا جو اهو عالم هو جو چاليھ سالن تائين نه کِليا، سندن ويهڻ جي انداز کي ڏسي ائين لڳندو هو ته ڄڻ هڪ ڊنل قيدي آهي جنهن کي موت جي سزا ٻڌائي وئي آهي ۽ ڪنڌ لاهڻ جي لاءِ آندو ويو آهي۔ گفتگو ڪندا هئا ته ائين محسوس ٿيندو هو ڄڻ آخرت نگاهن آڏو آهي ۽ ان کي ڏسي بيان ڪري رهيا آهن، جڏهن خاموش ٿيندا هئا ته ائين لڳندو هو جيئن سندن اکين اڳيان باھ ڀڙڪي رهي آهي! جڏهن عرض ڪيو ويو: اوهان ايتري قدر خوف زَده ۽ غم زده ڇو رهو ٿا؟ عاجزي ڪندي فرمايائون: مون کي هن ڳالھ جو خوف ستائي ٿو ته جيڪڏهن بروزِ قيامت منهنجا ڪي عمل ڏسي الله پاڪ مون تي غضب فرمايو ۽ چئي ڇڏيو ته اي حسن! وڃ مان تو کي نٿو بخشيان، ته ان وقت منهنجو ڇا ٿيندو!(اِحیاءُ الْعُلوم ٤/٢٣١)

گر تو ناراض ہوا میری ہلاکت ہوگی                                             ہائے میں نارِ جہنم میں جلوں گا یاربّ!

عفْو کر اور سدا کے لیے راضی ہوجا                                                                                         گر کرم  کردے تو جنت میں رہوں گا

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                                           صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

هر هڪ پُلصِرا ط تان گذرندو

  پيارا اسلامي ڀائرو! پلصراط حقيقي طور تي آهي ۽ ان تي ايمان آڻڻ واجب آهي۔ (شرح صاوی ،ص٣٨٩) ۽ ان جو انڪار گمراهي آهي۔ (المعتقد مع المعتمد،ص٣٣٥) هن پُل تان بنا گذرڻ جي ڪو به جنت ۾ نٿو وڃي سگھي ڇوته جنت ۾ وڃڻ جي اها ئي راھ آهي۔ (حدیقة ندية،٢/١٥)

منهنجي رب جي ڪلام ۾ هر شيء جو بيان آهي، ان جي اهڙي برڪت آهي جو هڪ لفظ کي پڙھڻ سان ڏھ نيڪيون ملن ٿيون، اچو ان جي برڪتن کي ماڻيندي ٻڌون ٿا ته الله پاڪ جي پياري ڪلام ۾ جهنم جي باري ۾ ڇا