Book Name:Pul Sirat K Ahwal

مان بيدار ٿيو ته خوف ۽ دهشت جي سبب ان جي مٿي ۽ ڏاڙھي جا وار سفيد ٿي چڪا هئا۔

(سفر آخرت کی منازل ،۲/۷۲)

اي عاشقانِ صحابه! ٿورو غور ڪريو ته پل صراط جي دهشت ڪيتري سخت آهي جو هڪ خوب صورت نوجوان پنهنجي جواني جي حالت ۾ صرف خواب ۾ پل صراط کي ڏسي ٿو ته ان جي دهشت کان ان جي مٿي ۽ ڏاڙهي جا وار سفيد ٿي وڃن ٿا۔

پل صراط جي دهشت صحابي رسول کي رئاري ڇڏيو

حضرت سَيدُنا جلال الدين سيوطيرَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: هڪ ڀيري حضرت عبدالله بن رواحه رَضِىَ اللهُ عَنْه کي روئندي ڏسي سندن گھرواريء عرض ڪيو: توهان کي ڪهڙي ڳالھ روئاريو آهي؟ پاڻ فرمايائون: مون کي الله پاڪ جو هي فرمان ياد اچي ويو. وَاِن مِّنکُم اِلا وَارِدُهَا  (ترجمو ڪنزالايمان: ۽ توهان مان ڪو به اهڙو ناهي جنهن جو گذر دوزخ تي نه ٿئي) ۽ مون کي اها خبر ناهي ته مان ان کان نجات به حاصل ڪري سگھندس يا نه۔ (مستدرک، ۵ / ۸۱۰، الحدیث: ۸۷۸۶)

جَلا دے نہ نارِ جہنم کرم ہو                                                                                                                                                                                                  پئے بادشاہِ اُمَم یاالٰہی

مجھے نارِ دوزخ سے ڈر لگ رہا ہے                                                                                                                                                               ہو  مجھ  ناتُواں پر  کرم  یاالٰہی([1])

ڪاش منهنجي ماءُ مون کي نه ڄڻيو هجي ها

                        حضرتِ سيدُنا ابوميسره عَمرو بن شُرَحبِيل رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه هڪ دفعي بستري تي آرام ڪرڻ لاءِ تشريف کڻي ويا ته بيقرار ٿي فرمائڻ لڳا: ڪاش! منهنجي ماءُ ئي مون کي نه ڄڻيو هجي ها۔ سندن گھرواريء عرض ڪيو: توهان ائين ڇو ٿا فرمايو؟ ته فرمايائون: بيشڪ الله تعالٰي جهنم تان گذرڻ جي خبر ڏني آهي پر اها خبر ناهي ته اسان ان مان نڪرنداسين يا نه۔ (اَلْبُدورُ السّافِرۃ ص۳۴۳)


 

 



[1] وسائل بخشش،ص۱۱۰تا ۱۱۱ ملتقطاً