Book Name:Pul Sirat K Ahwal

پٽ فلاڻي جا، اهو تنهنجو نور آهي ۽ اي فلاڻا پٽ فلاڻي جا، تنهنجي لاءِ ڪو نور ناهي۔

(الزھد ص۴۶۵رقم۱۳۲۱)

12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم ”مَدرَسَةُ المَدِينَه بالغان “

پيارا اسلامي ڀائرو! موت جي تياري، قبر و حشر ۽ پُلصِراط تان گذرڻ جي آساني کي حاصل ڪرڻ جي تڙپ پنهنجي اندر پيدا ڪرڻ جي لاءِ عاشقانِ رسول جي ديني تحريڪ دعوتِ اِسلامي جي ديني ماحول سان وابسته رهندي ڪجھ نه ڪجھ وقت ذيلي حلقي جي 12 ديني ڪمن ۾ ڏيڻ جي ڪوشش ڪندا رهو۔ ياد رهي! ذيلي حلقي جي 12 ديني ڪمن مان روزانو جو هڪ ديني ڪم مَدرَسَةُ المَدِينه بالغان به آهي۔ قرآنِ ڪريم، رَبِّ رحيم جو مُقَدَّس ڪلام آهي، ان جو پڙهڻ پڙهائڻ ۽ ٻڌڻ ٻڌائڻ ثواب جو ڪم آهي، پر اهو ثواب انهيء وَقت ملندو جڏهن دُرُست تَلفُّظ سان پڙهيو وڃي نه ته ڪڏهن ڪڏهن ثواب جي بدران انسان عذاب جو حقدار بڻجي ويندو آهي۔ امامِ اهلسُنَّت، مولانا شاھ امام احمد رضا خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: بيشڪ ايتري تجويد سکڻ فرضِ عَين آهي جنهن سان تجويد جي قاعدن مطابِق حُرُوف کي دُرُست مخارِج سان اَدا ڪري سگھي ۽ غَلَط پڙھڻ کان بچي سگھجي۔ (فتاویٰ رضویہ ، ۶ / ۳۴۳۔ملخصاً)

قرآنِ ڪريم سکڻ سيکارڻ جي فضيلت

          الله جي آخري نبي، محمد عربي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو فرمانِ عاليشان آهي: خَيرُ کُمْ مَنْ تَعَلَّمَ الْقُراٰنَ وَعَلَّمَه يعني توهان ۾ بهترين شخص اهو آهي جنهن قرآن سکيو ۽ ٻين کي سيکاريو۔ (بخاری ، کتاب فضائل القران ، باب خیرکم من تعلم الخ ، ۳ / ۴۱۰ ، حدیث : ۵۰۲۷)

اچو! ترغيب لاءِ ”مسجد درس“ جي هڪ مدني بهار ٻڌون ٿا،

مدرسة المدينه بالغان جا طالبِ علم مُفتي ڪيئن بڻيا؟

ڪراچي جا مقيم اِسلَامي ڀاءُ مُفتي فُضَيل رضا عطّاري مُدَّ ظِلُّه الْعَالِي جي بيان جو خُلاصو آهي: ڪاليج جي تعليم دوران منهنجو گھڻو وقت گپ شپ يا ڪرڪيٽ