Book Name:Pul Sirat K Ahwal

جڏهن توهان پلصراط تان گذرندؤ ته مان پنهنجي ربّ کان توهان جي لاءِ پلصراط تان سلامتي سان گذرڻ جي دعا ڪري رهيو هوندس۔ ياالله! جڏهن منهنجو اعمال نامو کلڻ لڳي ته اهو تنهنجو پيارو نبي (صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ) جنهن کي تو پنهنجي مخلوق جي عيبن کي لڪائڻ وارو ۽ انهن جي خطائن تي پردو وجھڻ وارو، بلڪ معاف ڪرڻ وارو بڻائي موڪليو آهي، مون کي ان جو دامنِ ڪرم نصيب ڪجان پوءِ منهنجون نافرمانيون ڄاڻين ۽ انهن جون ڪرم نوازيون ڄاڻين۔

صَلُّوا عَلَي الْحَبيب!                                                           صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

پل صراط تي تيزي سان گذرڻ وارا

پيارا اسلامي ڀائرو! اسان ٻڌو ته پُلصراط تان هر هڪ کي گذرڻو پوندو ۽ اهو به ٻڌو ته گذرڻ وارن جون مختلف حالتون هونديون ڪو جلدي گذري ويندو، ڪو آهستي آهستي پار ڪندو ڪو بنا زخم لڳڻ جي گذري ويندو ته ڪو زخمي ٿيڻ جي حالت ۾ پار ڪندو، ڪو پنهنجي قدمن سان گذري جنت ۾ هليو ويندو ته ڪو پيٽ ڀر گِهلجندي جنت ۾ داخل ٿيندو ۽ ان تان گذرڻ جي لاءِ دُنياوي اعتبار سان طاقت ور، قدآور نوجوان يا پهلوان، تيز رفتار، خلاباز يا ڪراٽي باز هئڻ جي حاجت ناهي بلڪ حضرتِ سيدُنا فضيل بن عياض رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي ارشاد مطابِق خوفِ خدا جي سبب ڪمزور رهڻ وارا پُل صراط کي آساني سان پار ڪري وٺندا۔ (پل صراط کی دہشت،ص٧) ۽ ان تي گذرڻ انسان جي پنهنجي عمل جي مطابق هوندو جنهن جا عمل دنيا ۾ سٺا هوندا اهو پلصراط تان ايترو ئي تيزي سان گذري ويندو۔ اچو اسان ٻڌون ٿا ته اهي ڪهڙا عمل آهن جيڪي اسان کي پل صراط تان تيزي سان گذرڻ ۾ آساني پيدا ڪندا آهن۔

الله ڪريم پنهنجي پياري نبي حضرتِ سيدُنا داود عَلَيه السَّلَام کي ارشاد فرمايو: اي داؤد! ڇا توهان کي خبر آهي ته پل صراط تان سڀ کان جلدي مان گذرڻ وارا ڪير هوندا؟ اهي جيڪي منهنجي فيصلن تي راضي رهن ۽ انهن جون زبانون منهنجي ذڪر سان تَر رهن۔

(حلية الاولیاء،٤/٧٠،حديث:٤٧٨٣ مختصراً)