Book Name:Pul Sirat K Ahwal

خبر پئي ته الله پاڪ جي رضا تي راضي رهڻ ۽ ان جو ڪثرت سان ذڪر ڪرڻ پل صراط تان تيزي سان گذاريندو۔

اي منهنجا پيارا اسلامي ڀائرو! الله پاڪ جي رضا تي راضي رهو جيڪو ان رِزق ڏنو آهي، انهيء تي قَناعَت ڪريو، ان اسان کي جنهن حال ۾ به رکيو آهي، هرحال ۾ اُن جو شڪر ڪرڻ گھرجي، مال جو حرص پنهنجي دل مان ڪڍي ڇڏيو، بروزِ قيامت ان جو حساب پلصراط جي راھ ۾ رڪاوٽ بڻجي سگھي ٿو۔ پنهنجي زبانن کي ذِڪرُ الله سان تر رکو ڇوته فضول گوئي ۽ فُحش ڪلامي الله پاڪ جي ناراضي جو سبب آهن۔

پل صراط تي ڪم ايندڙ نيڪيون

    پيارا اسلامي ڀائرو! جيڪڏهن اسان پل صراط جي پريشاني کان بچڻ چاهيون ٿا ته اسان کي پنهنجي هن مختصر زندگي ۾ اهڙا نيڪ عمل ڪرڻا پوندا جيڪي پل صراط تي آساني جو ذريعو بڻجن۔ اهي عمل جيڪي پلصراط تي ڪم اچن، انهن عملن مان هڪ عمل نماز به آهي۔ شهنشاھ مدينه، قرارِ قلب و سينه صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو فرمانِ عاليشان آهي: جيڪو نماز جي پابندي ڪندو، الله پاڪ پنج ڳالهين سان ان جي عزت فرمائيندو: (1) ان کان تنگي ۽ (2) قبر جو عذاب دور ڪندو (3) الله پاڪ اعمالنامو ان کي سڌي هٿ ۾ ڏيندو (4) اهو پلصراط تان بجلي وانگر تيزي سان گذري ويندو ۽ (5) جنت ۾ بنا حساب جي داخل ٿيندو.

پيارا اسلامي ڀائرو! نماز جا ڪيئي فائدا آهن۔ * نماز پلصراط ۾ ڪم ايندڙ عمل آهي * نماز پلصراط جي گھٻراهٽ کان بچائڻ وارو عمل آهي * اچو! ٻڌو نماز جا ڪهڙا ڪهڙا فائدا آهن، * نماز دِين جو ٿنڀ آهي، * نماز پياري آقا مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي اکين جي ٿڌاڻ آهي، * نماز مسلم ۽ غير مسلم جي وچ ۾ سڃاڻپ جو ذريعو آهي، * نماز بارگاھ الٰهي ۾ حاضري جو ذريعو آهي، * نماز مؤمن جي معراج آهي، * نماز چين ۽ سڪون جو سبب آهي، * نماز بندگي جي پهرين ڏاڪڻ آهي * نماز ربِّ ڪريم جون