Book Name:Pul Sirat K Ahwal

رحمتون ماڻڻ جو سبب ۽ قُربِ اِلٰهي ماڻڻ جو وسيلو آهي * نماز سان الله پاڪ جي مدد ملندي آهي * نماز گناهن کي مٽائيندي آهي * نماز ظاهر و باطن کي صاف ڪندي آهي ۽ روح کي قرار ڏيندي آهي * نماز ظاهري ۽ باطني بيمارين جو خاتمو ڪندي آهي ۽ رزق ۾ برڪتن جو سبب آهي۔

اي عاشقانِ رسول! ياد رکو! * نماز ڇڏڻ دنيا ۽ آخرت ۾ نقصان جو سبب آهي * نماز ڇڏڻ الله پاڪ جي امان کان پاڻ کي محروم ڪرڻ ۽ الله پاڪ جي غضب کي دعوت ڏيڻ آهي، * نماز ڇڏڻ مال ۾ گھٽتائي ۽ نقصان جو سبب آهي، * نماز ڇڏڻ بُري خاتمي جو سبب ۽ قبر جي امتحان ۾ فيل ٿيڻ جو سبب آهي، * نماز ۾ غفلت ڪرڻ پاڻ کي جَهنَّم جو حقدار بنائڻ آهي۔ لهٰذا اسان کي گھرجي ته اسان پنج ئي نمازون ذوق وشوق سان مسجد ۾، تڪبيرِ اُوليٰ سان پهرين صف ۾ باجماعت ادا ڪريون ۽ نماز ۾ هرگز هرگز سُستي نه ڪريون۔

میں پانچوں نمازیں پڑھوں باجماعت                                                                                                                                          ہو   توفیق   ایسی   عطا   یاالٰہی! ([1])

 صَلُّوا عَلَي الْحَبيب!                                                         صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

 صدقو ڏيڻ

پيارا اسلامي ڀائرو! پلصراط جي اونداهي کي روشني ۾ ۽ پلصراط جي وحشت کي اطمينان ۽ سڪون ۾ بدلڻ جو هڪ ٻيو عمل الله پاڪ جي راھ ۾ صدقو ڪرڻ به آهي۔ نبي رحمت، شفيعِ اُمت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن ارشاد فرمايو: جنهن دنيا ۾ چڱي طرح صدقو ڏنو اهو پلصراط تان گذري  ويندو۔

 (حلية الاولیاء،۳/۲۵۶، حدیث:۳۸۷۴)

  حديث پاڪ مان معلوم ٿيو صدقو ڏيڻ جون کوڙ برڪتون آهن۔ تنهنڪري


 

 



[1]   وسائلِ بخشش مُرَمَّم،ص۱۰۲