Book Name:Pul Sirat K Ahwal

ارشاد آهي۔ سيپاري 16، سورۂ مريم جي آيت نمبر 71 ۾ الله پاڪ ارشاد فرمائي ٿو:

وَ اِنْ مِّنْكُمْ اِلَّا وَارِدُهَاۚ-كَانَ عَلٰى رَبِّكَ حَتْمًا مَّقْضِیًّاۚ(۷۱)  (پ١٦،مريم:٧١)

ترجموڪنزالايمان: ۽ توهان مان ڪو اهڙو ناهي جنهن جو گذر دوزخ تان نه ٿئي توهان جي رب جي ذمي تي ضرور هي مقرر ڪيل ڳالهه آهي.

حضرت قَتادَه رَضِىَ اللهُ عَنْه کان روايت آهي ته جهنم تي هئڻ مان مراد پلصراط تان گذرڻو آهي جيڪو جهنم جي مٿي وڇايو ويو آهي۔ (تفسیر البحر المحیط، مریم،٦/١٩٧)

پل صراط جي مسافت؟

    پيارا اسلامي ڀائرو! پل صراط جنهن تان هر هڪ کي گذرڻو آهي، اچو ان جي باري ۾ ٻڌون ٿا: حضرتِ فُضَيل بن عِياض رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه کان منقول آهي: پُلصِراط جو سفر پندرهن هزار سالن جي راھ آهي. پنج هزار سال مٿي چڙهڻ جا پنج هزار سال هيٺ لهڻ جا ۽ پنج هزارسال ان جي پٺ تي هلڻ جا. ۽ ان تان اهو گذري سگھندو جيڪو خدا جي خوف جي ڪري ڪمزور ۽ هيڻو هوندو۔ (البدور السافرة، ص٣٣٤، مختصراً)

   هاڻي ٻڌو ته پلصراط ڪهڙي هوندي ۽ ان تان گذرڻ وارن جي ڪهڙي ڪيفيت هوندي؟ ٻنهي جھانن جا داتا، مديني وارا مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمائن ٿا ته پُلصراط ترڪڻ واري جاءِ هوندي، ان تي وڏا ويڪرا ڪنڊا هوندا جيڪي مُڙيل هوندا جيڪي جنهن شخص کي لڳندا ته هو ان کي زخمي ڪري ڇڏيندا يا پنهنجي چُهنب ۾ ڦاسائي جهنم ۾ ڪيرائي وجهندا۔ اهو معاملو نازڪ ڇو نه هجي جو پلصراط وار کان وڌيڪ سنهي، تلوار جي ڌار کان وڌيڪ تيز ۽ اها جهنّم جي پشت تي رکيل هوندي، خدا جو قسم! اهو سخت تشويش ناڪ مرحلو آهي، هر هڪ کي ان تان لنگھڻو پوندو۔ جنَّت ۾ وڃڻ جو اهو ئي رستو آهي۔ سڀ کان پهريان آخري نبي محمد عربي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ گذرندا، پوءِ ٻيا نبي ۽ رسول، پوءِ امتِ محمدي پوءِ ٻيون اُمتون لنگھنديون ۽ پُلصراط تان ماڻهو