Book Name:Pul Sirat K Ahwal

وغيره کيڏڻ ۾ گذرندو هو، منهنجي علائقي جي هڪ اسلامي ڀاءُ جي محبت ڀري انداز مون کي گھڻو متاثر ڪيو ۽ مان اُن جي انفرادي ڪوشش سبب مَسجِد ۾ نمازِ عشاء کان پوءِ لڳائي ويندڙ مَدرَسَةُ المَدِينَه (بالِغان) ۾ شِرڪت ڪرڻ لڳس۔ ۽ عاشِقانِ رسول جي صُحبت ۾ دُرُست قرآنِ ڪريم پڙھڻ سکي ويس۔ ۽ پوءِ ڪم و بيش 8 سال مَدرَسَةُ المَدِينَه بالِغان ۾ قرآنِ پاڪ صحيح مَخَارِج سان پڙھائڻ جي سَعَادَت ملندي رهي۔ 1996 ۾ دَرسِ نِظامي ۾ داخلا وٺي 2003ء ۾ فارِغ التحصيل ٿيس۔ ان دوران فتويٰ نويسي جي به تَربِيت حاصل ڪري چڪو هيس۔ پير و مُرشد جي شَفقَت سان مَجلسِ تَحقيقاتِ شَرعيه جي رُڪن جي حَيثيت سان پنهنجون ذميواريون ادا ڪرڻ سان گڏوگڏ دارُالاِفتا اَھلِسُنّت ۾ تادمِ تَحرير بَطورِ مُفتي و مُصدِّق خِدمتِ اِفتاء جي سَعادت حاصل آهي۔

مقبول جہاں بھر میں ہودعوتِ اسلامی                                     صدقہ تجھے اے ربِّ غَفَّار! مدینے کا(2)

 صَلُّوا عَلَي الْحَبيب!                                                         صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

اوقات الصلواة ايپ (Application) جو تعارف

پيارا اسلامي ڀائرو! اَلْحَمْدُ لِله عاشقانِ رسول جي ديني تحريڪ دعوت اسلامي سڄي دنيا ۾ سنتن جو پيغام عام ڪرڻ جي لاءِ ڪم وبيش 80 شعبن ۾ ديني ڪم ڪري رهي آهي۔ اَلْحَمْدُ لِله دعوتِ اسلامي جي آئي ٽي ڊيپارٽمنٽ (I.T Department) عاشقانِ رسول جي لاءِ ڪيئي موبائل ايپليڪيشنز (Applications) عام ڪيون آهن ۽ وڌيڪ پڻ جاري ڪندي رهي ٿي۔ انهيء سلسلي کي جاري رکندي اوقات الصلوٰۃ Prayer Timesموبائل ايپلي ڪيشن لانچ ڪئي آهي۔ اها ايپلي ڪيشن اعليٰ حضرت مولانا امام احمد رضا خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي علمِ توقيت تي تحقيق جي مطابق نمازن جي اوقات تي مشتمل آهي۔ هن ايپلي ڪيشن ۾ پنج نمازن جي اوقات جا روزانا ۽ ماهوار ٽائم ٽيبل، اذڪار (روحاني علاج)، مدني چينل ريڊيو، نماز جي اوقات ۾ موبائل کي آٽو سائلنٽ ڪرڻ جي سهولت