Book Name:Pul Sirat K Ahwal

* پلصراط تي تيزي سان گذرڻ وارا ڪير هوندا؟ * پلصراط تي ڪهڙيون ڪهڙيون نيڪيون ڪم اينديون؟  *پلصراط تي ڪهڙا ڪهڙا عمل اسان جي راھ ۾ رڪاوٽ بڻجندا؟ * ۽ ان کان علاوه وڌيڪ مفيد معلومات ٻڌڻ جي سَعَادَت حاصِل ڪنداسين اِنْ شَآءَ الله۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                                           صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

سيدنا حسن بصري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه  ۽  پل صراط  جو  تذڪرو

هڪ ڏينهن حضرت سَيدُنا حسن بصري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه ماڻهن کي بيان ڪرڻ لاءِ ويٺا ته ماڻهو سندن ويجھو اچڻ جي لاءِ هڪ ٻئي کي ڌڪا ڏيڻ لڳا۔ پاڻ اها صورت حال ڏسي فرمايائون: اي منهنجا ڀائرو! اڄ توهان منهنجي ويجھو اچڻ جي لاءِ هڪ ٻئي کي ڌڪا ڏئي رهيا آهيو، سڀاڻي قيامت ۾ توهان جو ڪهڙو حال هوندو، جڏهن پرهيزگار الله پاڪ جي رحمت جي ويجھو هوندا جڏهن ته گنهگارن کي پري ڪيو ويندو، جڏهن نيڪ ماڻهن کي چيو ويندو ته توهان پلصراط پار ڪري وٺو ۽ گناهگارن کي چيو ويندو ته توهان جهنم ۾ ڪِري پئو۔ افسوس! مون کي خبر ناهي ته مان گناهگارن سان گڏ جهنم ۾ ڪِري پوندس يا نيڪ ماڻهن سان گڏ پل صراط پار ڪري ويندس۔ اهو چوڻ هو جو حضرتِ حسن بصري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي اکين مان لڙڪ وهڻ لڳا ۽ روئيندي روئيندي بي هوش ٿي ويا۔ آس پاس ويٺل ماڻهو به روئڻ لڳا۔ ڪجھ دير کان پوءِ پاڻ فرمايائون: اي ڀائرو! ڇا توهان کي جهنَّم جي خوف سبب روئڻ نه پيو اَچي؟ ٻڌو! جيڪو شخص جهنَّم جي خوف سبب روئيندو آهي الله پاڪ ان کي ان ڏينهن جهنَّم مان آزاد فرمائيندو جنهن ڏينهن مخلوق کي ڳچي ۽ پيرن ۾ لوهي زنجيرون وجھي گِھيليو پئي ويندو۔

(بحر الدموع، الفصل السادس: تنبیہ الغافلین من نسیان الآخرة، ص۵۳،آنسوؤں کا دریا،ص77)

   اي عاشقانِ رسول! پلصراط جو بيان ڪندي بي هوش ٿيڻ ٻڌائي ٿو ته اهو معاملو معمولي ناهي بلڪ سخت آزمائش مان گذرڻو آهي ۽ بيان به پنهنجي