Book Name:Pul Sirat K Ahwal

مختلف طريقي سان گذرندا، ڪي ته اهڙي تيزي سان گذرندا جيئن بجلي جي چمڪ جو يڪدم چمڪي ۽ يڪدم غائب ٿي وئي ۽ ڪي تيز هوا جيان، ڪو اهڙي طرح جيئن پکي اڏامندو آهي ۽ ڪي جيئن گھوڙو ڊوڙندو آهي ۽ ڪي ائين جيئن انسان ڊوڙندو آهي، ايستائين جو ڪجهه ماڻهو پولهه تي گِھلجندي ۽ ڪي ڪِيولي جي چال جيان لنگھندا ۽ پُلصِراط جي ٻنهي پاسن تي وڏا وڏا ڪنڊا لٽڪيل هوندا، جنهن شخص جي باري ۾ حڪم ٿيندو ان کي پڪڙي وٺندا ۽ ڪن کي زخمي ڪندا ۽ اهي زخمي حالت ۾ پلصراط پار ڪري وٺندا۔ (بہارِ شریعت ج 1،ص 147 ۔148)

آہ! مجرم ہے مِیزان پر             پَلّہ بھاری مرا کیجئے

پاس حُسنِ عمل ہے کہاں !        لطف شاہِ دَنیٰ کیجئے

آہ! تاریکیِ پُل صِراط!                رَحم شمسُ الضُّحٰی کیجئے([1])

صَلُّوا عَلَي الْحَبيب!                                                           صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

پل صراط تان گذرڻ وارن جا مختلف احوال

    پيارا اسلامي ڀائرو! ٿورو ان پل جي باري ۾ تصور ڪريو جيڪا جهنم جي مٿان بڻائي وئي آهي، جيڪا تلوار کان وڌيڪ تيز ۽ وار کان وڌيڪ سنهي آهي۔ ان تي اهو ئي ثابت قدم رهندو ۽ نجات ماڻيندو جيڪو دنيا ۾ صراط مستقيم تي ثابت قدم رهيو ۽ جيڪو دنيا ۾ سڌي راھ کان ڦريو ۽ پنهنجي پُٺيءَ تي نافرمانين ۽ گناهن جو بار کڻي آيو، ته اهو پهريون قدم رکندي ئي پل صراط تان ترڪي ڪري پوندو۔

   ٿورو سوچيو! ان وقت دل ڪيتري قدر خوف زده هوندي جڏهن پلصراط جي سنهي هئڻ تي نگاھ پوندي پوءِ نظر ان جي هيٺ انتهائي اونداهي واري


 

 



[1] وسائل بخشش، ص 504۔