Book Name:Pul Sirat K Ahwal

مان گھٽ ٿيندو پيو وڃي۔

اي ڪاش! اسان سنجيدگي سان پنهنجي عمل جو جائزو وٺون ۽ اسان موت کان ڊڄڻ وارا بڻجي وڃون، اي ڪاش! اسان قبر کان ڊڄڻ وارا بڻجي وڃون۔ اي ڪاش! اسان ميدانِ محشر جي گرمي ۽ ان جي دهشت کان ڊڄڻ وارا بڻجي وڃون۔ اي ڪاش! اسان حساب ڪتاب جي سختي کان ڊڄڻ وارا بڻجي وڃون۔ اي ڪاش! اسان پُل صراط تان گذرڻ کي ياد ڪندي ڊڄڻ وارا بڻجي وڃون۔ اي ڪاش! اسان جهنم جي عذاب کان ڊڄڻ وارا بڻجي وڃون۔ ياد رکو!اڄ جيڪڏهن اسان دنيا ۾ خوفِ خدا کان سرشار رهياسين ته اهو ئي خوفِ خدا اسان کي پُل صراط پار ڪرائيندو، جيئن

حَضرتِ سَيدُنا فُضَيل بِن عِياض رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا؛ خوفِ خدا جي سَبَب ڪمزور ضعيف ۽ هيڻا رهڻ وارا پُلصِراط کي آساني سان پار ڪري وٺندا۔ (پل صراط کی دہشت، ص7) اڄ جيڪڏهن دنيا ۾ اسان جهنم کان پناھ گھرندا رهياسين ته آخرت ۾ به ان کان بچڻ ۾ ڪامياب ٿي وينداسين۔

حديثِ پاڪ ۾ آهي ته جيڪو ٻانهو جَهنَّم کان پناھ گھرندو آهي، جَهنَّم چوندو آهي: اي رَبّ! اهو مون کان پناھ گھري ٿو ته تون ان کي پناھ ڏئي ڇڏ۔ (مسند أبي یعلی، ۵/۳۷۹،حدیث: ۶۱۶۴، بہارِ شریعت،۱/۱۶۳)

دے نَزْع و قبر و حشر میں ہر جا اَمان، اور                                            دوزخ کی آگ سے بچا یا ربِّ مصطَفٰے

مَحْشر میں  پُلْ صراط پہ میرے قدم کہیں                                              جائیں پھسل نہ یا خدا یا ربِّ مصطَفٰے

فردوس میں پڑوس دے اپنے حبیب کا                                 مولیٰ علی کا واسِطہ یاربِّ مصطَفٰے

(وسائل بخشش،ص132،133)

صَلُّوا عَلَي الْحَبيب!                                                                                                           صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

نيڪ عمل ئي پلصراط پار ڪرائيندا

پيارا اسلامي ڀائرو! پلصراط جي ايتري دهشت جي باوجود به ان تي ڪجھ