Book Name:Pul Sirat K Ahwal

بچاوے تم کو جو دوزخ سے ایسے محسن پر                                          سدا سلام کہو  عمر بھر درود  پڑھو

عبث گناہوں کی شامت  میں مارے پھرتے   ہو                               خدا کی تم پے ہو رحمت اگر درود  پڑھو

      ہزار درد کو ایک دوا کفایت ہے                                                                             جو پیش آئے ذرا بھی خطر درود  پڑھو

(نورایمان، ص٥٦)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                           صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

 

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! ثواب حاصل ڪرڻ خاطر بيان ٻڌڻ کان پهريان سٺيون سٺيون نِيتون ڪري وٺون ٿا. فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ: نِيَّةُ الۡمُؤۡمِنِ خَيۡرٌ مِّنۡ عَمَلِهٖ  يعني مسلمان جي نِيّت ان جي عمل کان بهتر آهي. (المعجم الڪبير،سهل بن الساعدي...الخ ج 6، ص 185، الحديث: 5942)

ٻه مدني گُل:  (1) بغير سٺي نيّت جي ڪنهن به نيڪ عمل جو ثواب ناهي ملندو.

      (2) جيتريون سٺيون نِيّتون وڌيڪ، اوترو ثواب به وڌيڪ.

بيان ٻڌڻ جون نِيَّتون

* سٺين سٺين نيتن سان اوّل تا آخر بيان ٻڌو * پوري توجھ سان گڏ بيان ٻڌڻ جي نيت ڪريو، ٭ادب سان ويهڻ جي نيت ڪريو * جيڪڏهن اوهان وٽ قلم (Pen/Pencil)، ڊائري آهي ته اَهمّ نڪتا نوٽ ڪرڻ جي به نيت ڪريو ۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                           صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اڄ اسان جي بيان جو موضوع آهي ”پل صراط جا احوال جنهن ۾ اسان ٻڌنداسين * سَيدُنا حسن بصري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه پل صراط جو تذڪرو ڪيئن ڪندا هئا؟ * هر هڪ کي پلصراط تان گذرڻو پوندو پر ڪيئن؟ * پل صراط 15 هزار سال جي مسافت تي آهي * ماڻهو پلصراط تان ڪيئن لنگھندا، انهن جو حال ڪهڙو هوندو؟ * قيامت جي ڏينهن ٿيندڙ شرمندگي ڪجھ فائدو نه ڏيندي * پلصراط جي دهشت صحابي رسول کي روئاري ڇڏيو