Book Name:Pul Sirat K Ahwal

پيارا اسلامي ڀائرو! ڏٺو توهان! اسان جا بُزُرگ سڳورا پلصراط تان گذرڻ ۽ جهنم ۾ ڪرڻ جي خوف سبب ڪيتري قدر خوف رکندا هئا۔ غور ڪريو! جن بزرگانِ دِين جا واقعا اسان ٻڌا، هي اهي عظيم هستيون آهن جن جا ڏينهن رات گناهن کان بچي الله پاڪ جي عبادت ۾ گذرندا هئا، هي اهي عظيم هستيون آهن جن جي زبان فضول ڳالهائڻ کان بچي الله پاڪ جو ذِڪر ڪندي هئي، هي اهي عظيم هستيون آهن جن جون نگاهون الله پاڪ جي خوف سبب جُھڪيل ۽ اکين مان خوفِ خدا سبب لڙڪ وهندا رهندا هئا، جڏهن ته اسان جو حال ان جي بالڪل اُبتڙ آهي، اسان کي پل صراط جو ڪوئي خوف ناهي، ڇاڪاڻ ته * جيڪڏهن پل صراط جو خوف اسان جي دل ۾ هجي ها ته ڇا اسان جي ڪا نماز قضا ٿي سگھي ها؟ * جيڪڏهن پل صراط جو خوف اسان جي دل ۾ هجي ها ته ڇا فرض روزا رکڻ ۾ سُستي ٿي سگھي ها؟ * جيڪڏهن پل صراط جو خوف اسان جي دل ۾ هجي ها ته ڇا اسان زڪوٰة ڏيڻ ۾ ڪوتاهي ڪيون ها؟ * جيڪڏهن پل صراط جو خوف اسان جي دل ۾ هجي ها ته ڇا ٻين جون غيبتون ڪيون ها؟ * جيڪڏهن پل صراط جو خوف اسان جي دل ۾ هجي ها ته ڇا اسان جي زبان ڪوڙ ڳالهائي ها؟ * جيڪڏهن پل صراط جو خوف اسان جي دل ۾ هجي ها ته ڇا اسان جا هٿ حرام ڏانهن وڌن ها؟ * جيڪڏهن پل صراط جو خوف اسان جي دل ۾ هجي ها ته ڇا اسان جون اکيون حرام ڏانهن کڄن ها؟ * جيڪڏهن پل صراط جو خوف اسان جي دل ۾ هجي ها ته ڇا اسان جا پير حرام ڏانهن اڳتي وڌن ها؟ * جيڪڏهن پل صراط جو خوف اسان جي دل ۾ هجي ها ته ڇا اسان جا ڪن حرام ٻڌڻ ۾ مشغول ٿين ها؟ * جيڪڏهن پل صراط جو خوف اسان جي دل ۾ هجي ها ته ڇا حرام ڪمائي اسان جي گھر ۾ داخل ٿئي ها؟ * جيڪڏهن پل صراط جو خوف اسان جي دل ۾ هجي ها ته ڇا اسان ٻين جا حق پامال ڪيون ها؟ مطلب ته! * جيڪڏهن پلصراط جو خوف اسان جي دل ۾ هجي ها ته ڇا گناهن ۾ اسان جي دل لڳي ها يا اسان نيڪيون ڪرڻ وارا بڻجون ها؟ يقيناً جيڪڏهن اسان غور ڪريون ته پل صراط جو خوف اسان جي دلين