Book Name:Auliya-e-Kiraam Kay Pakeeza Ausaaf

اسلاف جو شوقِ علم دين

عِلمِ دِين هڪ اهڙي انمول دولت آهي جو وڏا وڏا بادشاھ پاڻ به هن دولت کي ماڻڻ جي ڪوشش ڪندا ۽ پنهنجي اولاد کي به عِلمِ دِين جي تعليم ڏياريندا هئا، اچو هن بابت ڪجھ واقعا ٻڌون ٿا:

جيئن، هڪ ڀيري بادشاھِ وقت خليفه هارون رشيد (پنهنجي پٽ) مامون رشيد جي تعليم جي لاءِ حضرتِ امام ڪسائي (رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه) کي عرض ڪيائون ته پاڻ فرمايائون: ”مان هتي پڙهائڻ نه ايندس، شهزادو منهنجي ئي گھر اچي وڃي۔“ هارون رشيد عرض ڪيو: ”هو اتي ئي حاضر ٿي ويندو پر ان جو سبق پهريان ٿئي۔“ فرمايائون: ”ائين به نه ٿيندو بلڪه جيڪو پهريان ايندو ان جو سبق پهريان ٿيندو۔“ آخرڪار مامون رشيد پڙھڻ شروع ڪيو، اتفاقاً هڪ ڏينهن هارون رشيد جو گذر ٿيو، ڏٺائين ته امام ڪسائي (رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه) پنهنجا پير ڌوئي رهيا آهن ۽ مامون رشيد(پيرن تي) پاڻي هاري رهيو آهي۔ بادشاه ڪاوڙجي هيٺ لٿو ۽ مامون رشيد کي چيائين: ”او بي ادب! خدا ٻه هٿ ڇا جي لاءِ ڏنا آهن؟ هڪ هٿ سان پاڻي هار ۽ ٻي هٿ سان انهن جا پير ڌؤ۔“

                                                            (ملفوظاتِ اعليٰ حضرت، ص ۱۴۴)

            مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! هن واقعي مان جتي استاد جي بيحد ادب ۽ تعظيم ڪرڻ جو درس مليو گڏوگڏ اهو به مَعلُوم ٿيو ته خليفي هارون رشيد جي پنهنجي اولاد کي عِلمِ دِين سيکارڻ جي دِلي خواهش هئي، تڏهن ته ان حضرت امام ڪسائي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه کي پنهنجي پٽ کي پڙھائڻ جي التجا (Request) ڪئي ۽ هن سلسلي ۾ امام ڪسائي جا تمام شرط به قبول ڪيا۔

اَمِيرُالمؤمنين حَضرتِ سَيدُنا عمر بن عبدالعزيز رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه پنهنجي اولاد جي تعليم و تربيت جو نهايت بهترين انتظام ڪيو، جليل القدر محدث حضرتِ سَيدُنا صالح بن ڪيسان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جيڪي سندن جا استاد هئا تنهن کي پنهنجي اولاد جي لاءِ استاد مقرر ڪيائون۔                (از عمر بن عبد العزيز ڪي 425 حڪايات، ص ۵۵)