Book Name:Auliya-e-Kiraam Kay Pakeeza Ausaaf

مُذاڪري ۾ شِرڪت جي دَعوَت (Invitation) ڏيندا رهنداسين، اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ هن جون خُوب خُوب بَرَڪتون حاصِل ٿينديون۔ هفتيوار مَدَني مُذاڪري جي عِلاوه مُختَلِف موقعن تي به مَدَني مُذاڪرن جو سِلسِلو ٿيندو آهي، مثال طور مُحَرَّمُ الحَرَام جا 10 مَدَني مذاڪرا، ماه رَبِيعُ الْاَوَّل جا 12 مَدَني مُذاڪرا، ماه رَبِيعُ الآخِر جا 11 مَدَني مُذاڪرا، ماه رجب ۾ غريب نواز جا  مدني مذاڪرا 6، ماه رَمَضان ۾ روزانو 2 مَدَني مُذاڪرا، ماه ذُوالحِجَّة الْحَرام جا 10 مَدَني مُذاڪرا وغيره۔اَلْحَمْدُ لِلّٰه هنن مَدَني مُذاڪرن ۾ به شروع کان آخر تائين شِرڪت ڪري دُنيا ۽ آخِرت جون بي شُمار بَرَڪتون ۽ ڀلائيون حاصِل ڪري سگھجن ٿيون۔ اچو تَرغِيب لاءِ مَدَني مُذاڪرو ڏسڻ جي هڪ مَدَني بَهار ٻُڌو ۽ جُھومو، جيئن

 مَدَني مُذاڪري سُڌاري ڇڏيو

واه ڪينٽ (پنجاب) جو هڪ اسلامي ڀاءُ دعوتِ اسلامي جي مَدَني ماحول کان پهريان ٻين نوجوانن جيان گھڻين اَخلاقي بُرائين ۾ مبتلا هو۔ فلمون ڊراما ڏسڻ، راند روند ۾ وَقت برباد ڪرڻ ان جو محبوب مشغلو هو۔ هڪ ڏينهن ان کي گھر ۾ مدني چينل هلڻ جي برڪت سان مدني مذاڪرو ڏسڻ جي سعادت نصيب ٿي، اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ! مدني مذاڪرو ڏسڻ جي برڪت سان ان کي اڳوڻن گناهن کان توبه نصيب ٿي ۽ هو فرضن ۽ واجبن جو عامِل بڻجڻ جي ڪوشش ۾ لڳي ويو، چهري تي هڪ مُٺ ڏاڙھي مُبارڪه سجائي ورتي۔ الله پاڪ جو وڌيڪ فضل ۽ ڪرم اهو ٿيو ته ان جي والدين خوشي سان ان کي’’وقفِ مدينه‘‘(يعني دعوتِ اسلامي جي مَدَني ڪمن جي لاءِ الله پاڪ جي راھ ۾ پيش) ڪري ڇڏيو۔

گنہگارو آؤ، سِیَہ کارو آؤ                                           گُناہوں کو دیگا چُھڑا مَدَنی ماحول

پِلا کر مئے عِشْق دیگا بنا یہ                                         تمہیں عاشِقِ مُصْطَفٰے مَدَنی ماحول

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                   صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد