Book Name:Auliya-e-Kiraam Kay Pakeeza Ausaaf

پنهنجي نانا جان، رحمتِ عالميان صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي سُنّتن جي پيروي ۾ گذاري جڏهن ته اسان فيشن جا شوقين دنيا جي رنگينين جا مَستانا آهيون۔ مطلب ته! اسان جو حال اهو ٿي ويو آهي جو اسان زندگي کي راند روند سمجھي ورتو آهي ۽ پنهنجي اسلاف جي طريقي کان گھڻا پري ٿي ويا آهيون، اسان کي گھرجي ته اڄ ملندڙ انهن ڪجھ پساهن کي غنيمت سمجھون ۽ خوابِ غفلت کان بيدار ٿي عبادت ۾ زندگي گذاريون۔ هتي اها اهم ڳالھ به پيشِ نظر هجي ته غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه نماز پڙھندا هئا ته درست نماز پڙھندا هئا، پاڻ قرآنِ ڪريم پڙھندا هئا يا ذڪر واذڪار ڪندا هئا ته اهو به درست تلفظ سان، پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي غارن ۾ عبادت ڪرڻ سان ڪنهن جو حق ضايع نه ٿيندو هو هاڻي جڏهن اسان هن طرح جا واقعا ٻڌون ٿا ته نفلن ۽ تلاوت جي شوق ۾ اضافو ته ڏسون ٿا، پر انهن جي درستگي جو ذوق ناهي هوندو جيڪو نهايت ضروري آهي ۽ انفرادي عبادتن ۾ گھروارن جي حقن جي رعايت بلڪ ٻين مسلمانن جي حقن جي رعايت به ضروري آهي۔ اهو نه هجي ته رات دير تائين (Full Echo Sound) نعت خواني ٿي رهي آهي، پاڙي وارا وڏي آواز جي ڪري تڪليف ۾ آهن ۽ گھر وارا اوهان جي انتظار جي ڪري پريشاني ۾ مُبتلا آهن۔

عبادتِ الٰهي جون برڪتون

ياد رکو! الله پاڪ جي ڪثرت سان عبادت ڪرڻ انبياءِ ڪرام عَلَيهمُ السَّلَام جو طريقو آهي، الله پاڪ جي عبادت ڪرڻ اولياءِ ڪرام رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡهمْ اَجْمَعِين جو طريقو آهي، الله پاڪ جي عبادت ڪرڻ دل ۾ وڌيڪ محبتِ الٰهي جي پيدا ٿيڻ جو سبب آهي۔ الله پاڪ جي عبادت ڪرڻ شيطان جي چَنبي مان نڪرڻ جو طريقو آهي۔ الله پاڪ جي عبادت ڪرڻ قربِ الٰهي ماڻڻ جو سبب آهي۔ الله پاڪ جي عبادت ڪرڻ گناهن جي مرض مان شفا ماڻڻ جو ذريعو آهي۔ الله پاڪ جي عبادت ڪرڻ ظاهر وباطن جي اصلاح جو سبب آهي۔ الله پاڪ جي عبادت ڪرڻ روح جي تازگي جو سبب آهي، الله پاڪ جي عبادت ڪرڻ دلين جي اطمينان