Book Name:Auliya-e-Kiraam Kay Pakeeza Ausaaf

درس وغيره خاص ڪري عِلمِ دِين سکڻ جو تمام وڏو ذريعو آهن۔ اهڙي طرح عِلمِ دِين سکڻ جو هڪ ذريعو هفتيوار ”مدني مذاڪرو“ به آهي، مدني مذاڪرو دعوتِ اسلامي جي ذيلي حلقي جي 12 مدني ڪمن مان هڪ اهم مدني ڪم به آهي۔

٭ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ مَدَني مُذاڪرو“ ڏسڻ، ٻڌڻ جي بَرَڪت سان شَرعي مُعاملن ۾ اِحتِياط ڪرڻ جو ذِهن نصيب ٿيندو آهي۔ ٭ مَدَني مُذاڪري جي بَرَڪت سان عاشِقانِ رَسول جي صُحبَت مُيسَّر ٿيندي آهي۔ ٭ مَدَني مُذاڪري جي بَرَڪت سان عمل جو جَذبو وڌندو آهي. ٭ مَدَني مُذاڪري جي بَرَڪت سان گُناهن کان نَفرت پيدا ٿيندي آهي۔ ٭ مَدَني مُذاڪري جي بَرَڪت سان دعوتِ اسلامي جي مَدَني ماحول ۾ اِستِقامت نصيب ٿيندي آهي۔ ٭ مَدَني مُذاڪري جي بَرَڪت سان عاشِقانِ رسول جي مَدَني تحريڪ ”دعوتِ اسلامي“ جي اَپ ڊيٽس (Updates) مِلندي آهي۔ ٭ مَدَني مُذاڪرو عِلمِ دِين جي تَرَقِّي جو سبب آهي۔ ٭ مَدَني مُذاڪره، اَميرِ اهلسُنّت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جي زِندگي جي سوين بلڪ هزارين تَجربن مان مَدَني تَربِيت حاصِل ڪرڻ جو بهترين ذَرِيعو آهي۔ ٭ مَدَني مُذاڪري ۾ دِيني مَعلومات ملڻ سان گڏوگڏ اَخلاقي تَربِيت به ٿيندي آهي۔ ٭ مَدَني مُذاڪري جي بَرَڪت سان اَميرِ اَهلسُنَّت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ سان ڪيل مُختَلِف سُوالن ذريعي دِلچسپ جوابن جي صُورت ۾ عِلمِ دِين حاصِل ٿيندو آهي ۽ عِلمِ دِين سکڻ سيکارڻ جي ته ڇا ڳالھ ڪجي جو رَحمتِ عالَم، نُورِمُجَسَّم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم اِرشاد فرمائن ٿا: جيڪو الله پاڪ جي فرضن بابت هڪ يا ٻه يا ٽي يا چار يا پنج ڪلِما سکي ۽ ان کي چڱي طرح ياد ڪري ۽ پوءِ ماڻهن کي سيکاري ته اهو جنّت ۾ داخِل ٿيندو۔ (الترغيب والترهيب، ڪتاب العم،۱ /۵۴، حديث :۲۰ )

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ ڪيئي اسلامي ڀاء مَدَني مُذاڪري جي بَرَڪت سان پنهنجي گُناهن ڀري زِندگي سان تَوبه ڪري چُڪا آهن۔ اچو! اسان به هٿوهٿ نِيت ڪريون ٿا ته اسان به هر هفتي مَدَني مُذاڪري“ ۾ شروع کان آخر تائين شِرڪت کي يقيني بڻائينداسين ۽ ٻين اسلامي ڀائرن کي به مَدَني