Book Name:Auliya-e-Kiraam Kay Pakeeza Ausaaf

حاصل ڪرڻ جي لاءِ قدم قدم تي مشڪلاتون پيش اينديون هيون، پوءِ به اسان جا اسلاف ننڍپڻ کان ئي عِلمِ دِين ڏانهن مائل ٿي ويندا هئا، ائين ئي آخر پساھ تائين انهن جو تعليم ۽ تَعَلُّم (يعني علم حاصل ڪرڻ ۽ ٻين تائين علم پهچائڻ) جو سلسلو جاري رهندو هو۔ غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه به ننڍپڻ کان ئي عِلمِ دِين سکڻ ۾ مشغول ٿي ويا، اچو ان بابت ڪجھ واقعا ٻڌون ٿا:

جيئن منقول آهي ته اڃا پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه گھٽ عمر جا هئا ته پنهنجي والِدهٔ مُحتَرَمه جي اجازت سان عِلمِ دِين حاصل ڪرڻ جي لاءِ بغداد پهتا هئا۔ (بهجةالاسرار،ذڪر طريقه، ص۱۶۷ملخصاً)

دورِ طالب علمي جا ڪجھ واقعا بيان ڪندي سرڪارِ غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه پاڻ فرمائن ٿا: مان پنهنجي طالِبِ عِلمي جي زماني ۾ استادن کان سبق وٺي جهنگل ڏانهن نڪري ويندو هئس، پوءِ ڏينهن هجي يا رات، انڌاري هجي يا زور دار برسات، گرمي هجي يا سيء پنهنجو مُطالَعو جاري رکندو هئس، ان وقت مان پنهنجي مٿي تي هڪ ننڍڙو عِمامو ٻڌندو هئس ۽ معمولي سبزي کائي پيٽ جي بُک ختم ڪندو هئس، ڪڏهن ڪڏهن سبزي به هٿ نه ايندي هئي، ڇوته بک جا ماريل ٻيا فُقَرَا به هيڏانهن جو رُخ ڪندا هئا، اهڙن موقعن تي مون کي شَرم ايندو هو ته مان دَرويشن جي حق تلفي ڪيان، مجبوراً اتان هليو ويندو هئس ۽ پنهنجو مُطَالَعو (Studey) جاري رکندو هئس، پوءِ ننڊ ايندي هئي ته خالي پيٽ ئي پٿرين سان ڀريل زمين تي سمهي پوندو هئس۔ (قلائد الجواهر، ص۱۰ملخصاً)

مُشکلوں میں دے صَبْر کی تَوفیق

اپنے غم میں فقط گُھلا یاربّ!

عِلمِ دِين جون برڪتون

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! هنن واقعن مان اسان کي به درس حاصل ڪرڻ گھرجي ۽ پنهنجي اولاد کي ننڍپڻ کان ئي عِلمِ دِين سکڻ جو ذهن ڏيڻ گھرجي۔ عِلمِ دِين سکڻ جو ذهن بڻائڻ جي لاءِ هن پُرفتن دَور ۾ "مدني چينل" تمام