Book Name:Auliya-e-Kiraam Kay Pakeeza Ausaaf

سنت جي فضيلت ۽ بيعت جا مدني گل

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو ! بيان کي ختم ڪندي سنّت جي فضيلت ۽ ڪجھ سنّتون ۽ آداب بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪيان ٿو، تاجدار رسالت، شهنشاههِ نُبُوَّت، مصطفيٰ جانِ رحمت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو فرمان جنّت نشان آهي: جنهن منهنجي سنّت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي ۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو. (مشکاۃ الصابیح،کتاب الایمان،باب الاعتصام بالکتاب والسنۃ،۱/۹۷،حدیث:۱۷۵)

ان کی سنَّت کا جو آئینہ دار ہے                                             بس وُہی تَو جہاں میں سمجھدار ہے

اچو! بيعت ٿيڻ جي باري ۾ ڪجھ مدني گل ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪريون ٿا: ٭ دنيا ۾ ڪنهن صالح کي پنهنجو امام بڻائڻ گھرجي، شَرِيعَت ۾ تقليد ڪري ۽ طريقت ۾ بَيعَت ڪري ته جيئن حَشر چڱن سان گڏ ٿئي۔ (آدابِ مرشدِ ڪامل،ص۱۳) ٭ ايمان جي حفاظت جو هڪ ذريعو ڪنهن مرشِد ڪامل سان مُريد ٿيڻ به آهي۔ (آداب مرشد ڪامل،ص۱۲) ٭ شيخ جامع شرائط جي هٿ تي بيعت مسلمانن ۾ هلندڙ پراڻو طريقو آهي ۽ هن ۾ بيشمار نفعو ۽ دين و دنيا ۽ آخرت جون برڪتون آهن۔ (فتاوي رضويه ۲۶/۵۷۵) ٭ پير اُمورِ آخِرت جي لاءِ بڻايو ويندو آهي ته جيئن ان جي رهنمائي ۽ باطني توجّه جي بَرَڪت سان مُريد الله پاڪ ۽ رسول صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي ناراضي وارن ڪمن کان بچندي رِضاء رَبُّ الانام جي مَدَني ڪم جي مطابق پنهنجا رات ۽ ڏينهن گذاري سگھن۔ (آدابِ مرشد ڪامل،ص۱۳) ٭ جيڪو شخص ڪنهن جامع شرائط پير جي هٿ تي بيعت ٿي چڪو هجي ته ٻئي جي هٿ تي بيعت نه ڪرڻ گھرجي. (فتاوي رضويه ،۲۶/۵۷۹) ٭ حضور غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو مُريد بڻجڻ ۾ ايمان جو تحفظ، مرڻ کان پهريان توبه جي توفيق، جهنم کان آزادي ۽ جنت ۾ داخلي جهڙا عظيم فائدا موجود آهن۔ (فڪر ِمدينه ،ص۱۶۱) ٭ مُريد بڻجڻ ۾ دير نه ڪرڻ گھرجي۔ (آدابِ مرشد ڪامل، ص۲۲) ٭ هڪ مُريد جا ٻه شيخ (پير) نٿا ٿي سگھن۔ (فتاوي رضويه ،۲۱/۵۸۰) ٭ جيڪو مُريد ٻن پيرن جي وچ ۾ مشترڪ هجي اهو ڪامياب ناهي ٿيندو. (فتاوي رضويه ،۲۶/۱۳۶) ٭ جيڪو پير سُنّي صحيح العقيده