Book Name:Auliya-e-Kiraam Kay Pakeeza Ausaaf

حڪم آهي، اتي عبادت ڪهڙي طرح ڪرڻي آهي، ان جي رهنمائي به فرمائي وئي، تنهنڪري اسان کي گھرجي ته اسان عبادت ڪرڻ جا طريقا پڻ سکون ۽ ان جي مطابق عبادت ڪريون۔ مثال طور نفل نماز پڙھڻي آهي يا فرض نماز پڙھڻي آهي، تڏهن به ان جا حق پورا ادا ڪرڻا پوندا۔ تلاوتِ قرآن جي ذريعي عبادت ڪرڻي آهي ته قرآنِ ڪريم دُرست پڙھڻ سکڻو پوندو، فرض حج ادا ڪرڻو آهي ته حج جا ضروري مسئلا ۽ احڪام سکڻا پوندا، زڪوٰة فرض ٿيڻ جي صورت ۾ زڪوٰة جا مسئلا سکڻا پوندا۔

جيڪڏهن اسان بزرگانِ دِين جي سيرت جو مطالعو ڪريون ته اسان کي معلوم ٿيندو ته ٭ الله پاڪ جا سمورا نيڪ ٻانها عبادت ۽ رياضت جا شيدائي هوندا هئا، ٭ انهن جا ڏينهن ۽ رات عبادت ۽ بندگي ۾ گذرندا هئا، ٭ هر وقت يادِ الٰهي ۾ پنهنجو وقت گذارڻ انهن جو محبوب ترين مَشغلو هوندو هو۔ اولياءِ ڪرام جي سيرت ۾ حصولِ علم ۽ عبادت ٻئي پهلو واضح نظر ايندا آهن ۔

اچو! عبادت جو ذوق وڌائڻ ۽ بزرگن جي نقشِ قدم تي هلڻ جي نيت سان اولياء ڪرامرَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡهمْ اَجْمَعِين جي ڪثرتِ عبادت جا 3 واقعا ٻڌون ٿا۔ جيئن

سڄي رات عبادت ۽ پورو ڏينهن روزو

(1) منقول آهي ته حضرت سيدُنا حبيب نجّار رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه سڄي رات عبادت ڪندا هئا ۽ سڄو ڏينهن روزو رکندا هئا ۽ افطار جي لاءِ جيڪو کاڌو حاضر ڪيو ويندو هو اهو به ٻين ۾ ورهائيندا هئا ۽ پاڻ سڄي رات بُکايل ئي قيام ۾ گذاريندا هئا۔ جڏهن صبح ٿيڻ واري هوندي هئي ته عاجزي ۽ انڪساري سان بارگاھ الٰهي ۾ عرض (دعا) ڪندا هئا: مان غفلت جي سمنڊن ۾ ٻڏل رهيس ۽ گناھن جي ميدانن ۾ هلندو رهيس۔ ياالٰهي! هي تنهنجو ذليل، گُنهگار ۽ بيمار ٻانهو تنهنجي بابِ ڪرم تي حاضر آهي ۽ توکان پناھ (Refuge) جو طلب گار آهي۔ (الروض الفائق،باب في النزيه و ذڪرالصالحين،ص ۲۴۶ ملخصاً)