Book Name:Auliya-e-Kiraam Kay Pakeeza Ausaaf

جو سبب آهي۔ الله پاڪ جي عبادت ڪرڻ شريعت کي مطلوب آهي، الله پاڪ جي عبادت ڪرڻ هر مومن ٻانهي تي حق آهي ۽ الله پاڪ جي عبادت ڪرڻ انسان جي پيدا ڪرڻ جو مقصد آهي۔

جيئن ته سيپارو 27 سُورَةالذّٰرِيٰت آيت نمبر 56 ۾ الله پاڪ انسان جي زندگي جي مقصد کي بيان ڪندي ارشاد فرمائي ٿو:

وَ مَا خَلَقْتُ الْجِنَّ وَ الْاِنْسَ اِلَّا لِیَعْبُدُوْنِ(۵۶) (پ۲۷، الذّرِيٰت:۵۶)

 ترجموڪنزُالايمان: ۽ مان جن ۽ انسان فقط انهيءَ لاءِ پيدا ڪيا جو منهنجي بندگي ڪن

اهڙي طرح سيپارو 3 سورهٔ اٰلِ عمران جي آيت نمبر 51 ۾ ارشاد آهي:

اِنَّ اللّٰهَ رَبِّیْ وَ رَبُّكُمْ فَاعْبُدُوْهُؕ- (پ۳،آل عمران:۵۱)

 تَرجَمو ڪنزالايمان: بيشڪ منهنجو ۽ توهان سمورن جو رب الله آهي پوءِ انهيء جي عبادت ڪريو

جڏهن ته سيپاري 1 سورةُ البقره جي آيت نمبر 21 ۾ ارشاد آهي:

یٰۤاَیُّهَا النَّاسُ اعْبُدُوْا رَبَّكُمُ الَّذِیْ خَلَقَكُمْ وَ الَّذِیْنَ مِنْ قَبْلِكُمْ لَعَلَّكُمْ تَتَّقُوْنَۙ(۲۱) (پ١،البقره :۲۱)

 تَرجَمو ڪنزالايمان: اي انسانو! پنهنجي رب جي پوڄا ڪريو جنهن توهان کي ۽ توهان کان اڳين کي (به) پيدا ڪيو، هي اميد ڪندي جو توهان پرهيزگار ٿيو

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو!  هنن آيت سڳورين ۾ عبادت جو واضح بيان آهي ۽ هڪ آيت ۾ هي به بيان ڪيو ويو ته انسانن ۽ جِنّن کي الله پاڪ جي عبادت جي لاءِ پيدا ڪيو ويو آهي ۽ جڏهن اسان جي خالق ۽ مالڪ الله ڪريم اسان کي اسان جي تخليق جو مقصد (Purpose) ٻڌائي ڇڏيو آهي ته هاڻي اسان تي به لازم آهي ته اسان هن مقصد کي ماڻڻ ۾ مصروف ٿي وڃون ۽ خوب خوب الله پاڪ جي عبادت ڪريون ۽ اها ڳالھ به واضح آهي ته جتي عبادت ڪرڻ جو