Book Name:Auliya-e-Kiraam Kay Pakeeza Ausaaf

سمهي پونديون هيون، پوءِ بيدار ٿي چونديون هيون: اي نفس! تون ڪيترو سمهندين ۽ ڪيترو جاڳندين، عنقريب تون اهڙي ننڊ سمهندين جو ان کان پوءِ قيامت جي صبح جو ئي بيدار ٿيندين۔                                    (روح البيان، ۶/۲۴۲ الفرقان، تحت الآية: ۶۴)

جاگنا ہے جاگ لے اَفلاک کے سائے تلے

حشر تک سوتا رہے گا خَاک کے سائے  تلے

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                                صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

خوفِ خدا جي اهميت

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اوهان اولياء ڪرام ۽ الله پاڪ جي نيڪ ٻانهين جا واقعا ٻڌا ته اهي ڪيتري عبادت ڪندا هئا، مناجات (دُعا) ڪندا هئا ۽ سڄي سڄي رات الله پاڪ جو ذڪر ڪندا هئا، قرآنِ پاڪ جي تلاوت ڪندا هئا، مطلب ته سڄي زندگي عبادت ۽ رياضت ۾ مصروف رهندا هئا۔ ان جو هڪ سبب اهو به آهي ته اهي ماڻهو الله پاڪ کان گھڻو ڊڄندا هئا ۽ خوفِ خدا جا پيڪر هوندا هئا۔ يقيناً ”خوفِ خُدا“ هڪ تمام وڏي نعمت آهي۔ اسان جي اُخرَوِي نَجات جي لاءِ رب جو خوف وڏي اَهميت رکي ٿو، ڇوته عبادتن جي بَجاآوري ۽ ممنوع شين کان پاسو ڪرڻ جو عظيم ذَرِيعو خوفِ خدا ئي آهي۔

نبي اڪرم، نُورِ مجسَّم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمجن ارشادفرمايائون: ’’رَاْسُ الْحِکمَة مَخَافَة اللّٰه‘‘ يعني حڪمت جو سَرچشمو الله پاڪ جو خوف آهي۔ (شعب الايمان ،باب في الخوف من الله تعاليٰ،۱/۴۷۱، حديث:۷۴۴) جيئن ته الله پاڪ خود سيپاري 4 سوره اٰلِ عمران آيت نمبر 175 ۾ اِرشاد فرمائي ٿو:

وَ  خَافُوْنِ  اِنْ  كُنْتُمْ  مُّؤْمِنِیْنَ(۱۷۵) (پ ۴، اٰلِ عمرٰن:۱۷۵)

 ڪنز الايمان: ۽ مون کان ڊڄو جيڪڏهن ايمان وارا آهيو .

            معلوم ٿيو ته خوفِ خدا مؤمن ٻانهي جي ايمان جي نشاني آهي۔ اچو سرڪارِ غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي خوفِ خدا جو هڪ ايمان افروز واقعو ٻڌون