Book Name:Auliya-e-Kiraam Kay Pakeeza Ausaaf

آهي۔ ڇوته جڏهن انسان ۾ خوفِ خدا پيدا ٿيندو آهي ته ان جو گناهن کان بچڻ ۽ نيڪيون ڪرڻ تمام آسان ٿي ويندو آهي۔ خوفِ خدا نيڪين جي رغبت پيدا ڪرڻ جو بهترين نسخو آهي، خوفِ خدا گناهن کان بچائڻ جو ذريعو آهي۔ خوفِ خدا ايمان جي مضبوطي جي نشاني آهي، خوفِ خدا الله پاڪ جي معرفت ۽ قُربت جو ذريعو آهي۔ خوفِ خدا شريعت جو پاسدار بڻائڻ وارو آهي۔ خوفِ خدا انسان جي ظاهر کي سنوارڻ وارو آهي، خوفِ خدا انسان جي باطن جو نگهبان آهي، خوفِ خدا حقوق العباد (يعني ٻانهن جي حقن) جي ادائيگي جو محافظ آهي، خوفِ خدا حقوقِ الٰهي جي ادائيگي جو به ضامن آهي، خوفِ خدا سان قبر ۾ به سوجھرو ٿيندو ۽ خوفِ خدا محشر جي پريشانين کان به بچائيندو۔  اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ

مطلب ته! اها هڪ اهڙي صفت آهي جيڪا ٻانهي ۾ ڪيئي نيڪ خوبين ۽ چڱين عادتن جي پيدا ٿيڻ جو سبب آهي۔

اچو هي به ٻڌون ٿا ته خوفِ خدا جي معني ڇا آهي، شيخِ طريقت، اَمِيرِ اهلسنّت، باني دعوتِ اسلامي حضرت ِ علّامه مولانا ابُو بلال محمد الياس عطّار قادِري رَضَوِي ضِيائي دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ پنهنجي مايه ناز تاليف ڪفريه کلمات کے بارے میں سوال جواب صفحي 26 تي فرمائن ٿا: ”خوفِ خدا“ مان مراد اها آهي ته الله پاڪ جي خفيه تدبير، ان جي بي نيازي، ان جي ناراضي، ان جي گِرِفت (پڪڙ)، ان جي طرفان ڏني ويندڙ عذابن، ان جي غضب ۽ ان جي نتيجي ۾ ايمان جي بربادي وغيره کان خوف زده رهڻ جو نالو ”خوفِ خدا“ آهي۔

اها نيڪ صفت به اولياءِ ڪرام جي زندگين جو لازمي (Compulsory) حصو هوندي آهي۔ ياد رهي ته اولياء ڪرام جي زندگي علم و عمل جو مجموعو هوندي آهي ۽ علم خوفِ خدا کي حاصل ڪرڻ جو ذريعو آهي ۽ علم الله پاڪ جي معرفت جو ذريعو آهي ۽ جڏهن معرفتِ الٰهي گھڻي هوندي ته انسان عمل ڏانهن به گھڻو راغب ٿيندو آهي۔ پاڻ سرڪارِ غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه وڏي عالم